ڪراچي: سنڌ جي سينيئر شرجيل ميمڻ چيو آهي تہ وڏي وزير صدارت ۾ ٿيندڙ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي ۽ ترقياتي رٿائن سان لاڳاپيل ڪيترن اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي آهي
هن ٻڌايو تہ سنڌ ڪابينا اين اي ڊي يونيورسٽي جي گرلز هاسٽل جي ٻي منزل جي تعمير لاءِ 190 ملين رپين جي اي ڊي پي اسڪيم منظور ڪئي، جڏھن تہ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ سکر ۾ سينٽ سيور چرچ ۽ حيدرآباد ۾ سينٽ ٿامس ڪيٿڊرل چرچ جي بحالي لاءِ 109 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو تہ سنڌ آرڪائيوز کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ لاءِ ناياب تاريخي محفوظات کي ڊجيٽل ڪيو ويندو.
هن ٻڌايو تہ پرووينشل انٽيليجنس فيوژن اينڊ ٿريٽ اسيسمينٽ سينٽر جي قيام لاءِ 1.24 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏھن تہ سجاول ۽ شڪارپور لاءِ پڻ مختلف ترقياتي رٿائن جي منظوري ڏني وئي آهي.
هن چيو تہ وفاقي حڪومت جي شوگر سيڪٽر کي 2026 تائين مڪمل ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي رٿابندي تي سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن کانپوءِ صحت، زراعت، صنعت، آبپاشي ۽ ثقافت جي وزيرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پنهنجي سفارشون پيش ڪندي.
هن چيو تہ ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ ڪلائيميٽ فنڊ ۽ سنڌ ڪلائيمٽ چينج بورڊ جي قيام جي بہ منظوري ڏني وئي.
سنڌ ڪابينا شوڪت خانم ميموريئل ٽرسٽ کي انفراسٽرڪچر سيس ۾ هڪ سال لاءِ ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني. ان کانسواءِ ايم سڪس حيدرآباد کان سکر موٽر وي لاءِ 1.13 ارب رپيا صوبي جي بجيٽ مان الڳ منظور ڪيا ويا، ريسڪيو 1122 جي توسيع جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس جي ملازمن جي هيلٿ انشورنس جي تجديد جي منظوري پڻ ڏني وئي.
شرجيل ميمڻ چيو تہ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي سنڌ جي دوري ۽ سندس سنڌ آمد بابت جيئن ئي اطلاع مليو، سنڌ حڪومت ساڻس رابطو ڪيو ۽ مڪمل سيڪيورٽي ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
هن چيو تہ ان کان اڳ هڪ ٿريٽ الرٽ مليو ٿيو هو، پر ان کي عوامي سطح تي ظاهر نہ ڪيو ويو تہ جيئن ڪو ان صورتحال جو فائدو نہ وٺي، ڪي پي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي هن امڪاني خطري کان آگاهہ ڪيو ويو هو.
هن ٻڌايو تہ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پنهنجي آمد کان اڳ پنهنجو پروگرام مهيا ڪيو هو ۽ سنڌ حڪومت واضح طور چيو هو تہ جيڪڏھن بلٽ پروف گاڏي، اضافي پوليس سيڪيورٽي يا ڪنهن ٻي انتظام جي ضرورت پوي تہ حڪومت سنڌ اهو فراهم ڪندي.
هن چيو تہ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير بلٽ پروف گاڏي وٺڻ کان انڪار ڪيو جڏھن تہ سيڪيورٽي وٺڻ تي رضا مندي ظاهر ڪئي جيڪو سندس حق هئي ۽ کيس مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي.
شرجيل ميمڻ چيو تہ صوبي جي وزير ناصر حسين شاهہ پي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻن سان رابطو ڪيو تہ جيئن سموري پروگرام بهتر انداز ۾ ترتيب ڏئي سگهجي. کين ڀليڪار چيو ويو ۽ اهو بہ واضح ڪيو ويو تہ جيڪڏھن اهي جلسو ڪرڻ چاهين تہ جاءِ ٻڌائين، حڪومت سنڌ جاءِ ۽ سهولتون فراهم ڪندي، پر اهو خيال رکيو وڃي تہ رستا ڪنھن سبب جي بند نہ ٿين، عوام کي تڪليف نہ ٿئي ۽ ڪو اهڙو عمل نہ ٿئي جيڪو سيڪيورٽي خدشا وڌي وڃن.
هن چيو تہ سنڌ جي هڪ وزير، سينيئر اڳواڻ ۽ ڪراچي ڊويزن جو صدر سيد غني پاڻ آجيان لاءِ ايئرپورٽ ويو، جتي مهمانن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ڏني وئي، هي استقبال خلوص دل سان ڪيو ويو، نہ ڪنهن ميڊيا پوائنٽ اسڪورنگ يا ڏيکاءَ لاءِ، پر سنڌ جي روايتي ميزباني جو حصو هو.
شرجيل ميمڻ چيو تہ پهرين ڏينهن ڳالهہ ٻولهہ ۾ ڪي پي جي وڏي وزير کي چيو ويو هو تہ ڪجهہ حساس علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تہ اتي سيڪيورٽي خدشا موجود آهن، پر ان جي باوجود شام جي وقت اهي ضلعي ڏکڻ ۾ نظر آيو، کيس روڪيو ويو، پر ڪي پي جي وڏي وزير هدايت تي عمل نہ ڪيو.
هن چيو تہ ڪنهن بہ وي آءِ پي موومينٽ لاءِ سيڪيورٽي پلان جي پابندي ضروري آهي، خاص طور تي جڏھن ٿريٽ الرٽ موجود هجي، ۽ بنا ڪنھن پلان جي رستن کي تبديل ڪرڻ سان خطرا وڌي وڃن ٿا.
ھن ٻڌايو تہ ٻئي ڏينهن ڪي پي جي وڏي وزير جو حيدرآباد وڃڻ جو پروگرام سامهون آيو، جتي پڻ ساڳيا سيڪيورٽي ۽ انتظام ڪيا ويا جيڪي طئي ٿيل رستن مطابق هئا، واپسي تي جنهن پُل جي چونڊ ڪئي وئي اھا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت وفاقي حڪومت جي پل آهي ۽ ملڪ جي اهم شاهراهن مان هڪ آهي، جتي ڪراچي پورٽ جي هيوي ٽريفڪ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واريون گاڏيون معمول مطابق گذرن ٿيون. هن چيو ته ڏينهن جي وقت ۾ اتي ٽريفڪ جام ھجڻ معمل جي ڳالهه آهي.
شرجيل ميمڻ چيو تہ حيدرآباد پهچڻ شرط ئي سنڌ حڪومت تي تنقيد ۽ الزام لڳڻ شروع ٿي ويا، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي تہ مڪمل عزت، سهولت ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي.
سينئر وزير شرجيل ميمڻ انھن الزامن تہ سنڌحڪومت ڄاڻي واڻي ڪي پي جي وڏي وزير کي ٽريفڪ ۾ ڦاسايو کي رد ڪندي سوال اُٿاريو تہ جيڪڏھن ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ ٽريفڪ ۾ رڪجي تہ ان مان حڪومت سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿي سگهي ٿو.
هن چيو تہ جيڪڏھن سنڌ حڪومت جو رويو پڻ پي ٽي آءِ جهڙو هجي ها تہ نہ استقبال ٿئي ھا ۽ نہ سهولتون ملن ھا.
جلسي جي اجازت جي معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو تہ حڪومت سنڌ ڪڏھن بہ جلسو روڪڻ جي ڳالهه نہ ڪئي جناح گرائونڊ ۽ مزار قائد جي چوڌاري علائقو هڪ ٽرسٽ جي انتظام هيٺ آهي جيڪو وفاق جي ماتحت آھي، انهي ڪري تحريري اجازت ۾ ڪجهه وقت لڳندو آھي. ان باوجود زباني اجازت ڏني وئي هئي، پر بعد ۾ پي ٽي آءِ قيادت چيو ته اهي گرائونڊ جي اندر نه پر ٻاهر جلسو ڪندا، جنهن جي اجازت ممڪن نه هئي.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو تہ ڪراچي هجي يا سنڌ جو ڪو ٻيو شهر، هر سياسي پارٽي جي جلسن دوران ٽريفڪ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ پلان ٺاھين ٿا، رستا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ عوامي تحفظ کي اوليت ڏني ويندي آھي.
هن چيو تہ اهو ڪو امتيازي ورتاءُ نہ ھو پر معمول جو طريقو آهي، جيئن محرم الحرام جي جلوسن دوران سيڪيورٽي سبب مخصوص رستا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪنٽينر لڳائي هڪ ئي داخلا رستو رکيو وڃي ٿو تہ جيئن مڪمل چيڪنگ ممڪن ٿي سگهي، اهي ئي انتظامات هتي پڻ ڪيا ويا هئا.
شرجيل ميمڻ چيو تہ پي ٽي آءِ پاران پوليس تي پٿر اڇلايا ويا، صحافين خاص طور تي عورت صحافين تي تشدد ڪيو ويو ۽ نو مئي جهڙن واقعن کي ٻيهر ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ حڪومت صبر ۽ تحمل سان ڪم ڪيو ۽ ڪو به ڪيس داخل نھ ڪيو.
هن چيو تہ جيڪڏھن حڪومت جي ذهن ۾ ڪا بدنيتي هجي ها تہ گرفتاريون پڻ ٿي سگهن پيون ۽ سخت ڪارروائي بہ ممڪن هئي، پر صبر اختيار ڪيو ويو.
هن چيو ته سڀ ويڊيوز موجود آهن ۽ صحافي پاڻ ان جا عيني شاهد آهن، سڄو پاڪستان ڏسي رھيو آهي تہ ڇا ٿيو، پر ان جي باوجود پي ٽي آءِ پنهنجي رويي ۾ تبديلي لاءِ تيار نه آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ تي ٻڌل آهي، جنهن سبب اسان جو ۽ سڄي پاڪستان جو انهن سان اختلاف آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ نه صرف ملڪ اندر ڏڦيڙ جي سياست ڪئي پر ٻاهرين ملڪ ۾ ويهي به پاڪستان ۽ قومي ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪيو. هن چيو ته انهن کي ڪو موڊ ناهي ته قومي ادارن جي دائري ۾ رهي صاف ۽ مثبت سياست ڪن، ۽ اهو رويو انتهائي قابل مذمت آهي، جنهن جي اسان سڀ مذمت ڪريون ٿا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت دل سان ميزباني ڪئي. هن واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ جي وڏي وزير کي هن انداز ۾ استقبال ڪرڻ جو مطلب اهو نه آهي ته پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ مستقبل ۾ ڪنهن اتحاد جو امڪان آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست ڏڦيڙ تي ٻڌل آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سياست پرامن، جمهوري ۽ آئيني آهي، پر ان جي باوجود جيئن ڪي پي جو وڏو وزير اسان جي صوبي جا مهمان ھو ، انهي ڪري اخلاقي فرض تحت انهن کي سهولتون ۽ سيڪيورٽي ڏني وئي. هن چيو ته بدقسمتي سان هن شرافت ۽ خلوص جو ناجائز فائدو ورتو ويو ۽ انتظاميه جي هدايتن جي برخلاف مخصوص جڳهون ۽ رستا اختيار ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ بي بنياد الزام لڳايا ويا….