اسلام آباد: اطلاعات واري وزير عطا تارڙ واضح ڪيو آهي تI پي ٽي آءِ باني جون جيل جون ملاقاتون مڪمل طور تي بند ڪيون ويون آهن, هاڻ ملاقات جي اجازت هوندي نI ئي جيل جي ٻاهران ڪنهن قسم جو هجوم گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي وفاقي وزير چيو تہ اڊيالا جيل ٻاهران ملڪ جي خلاف سازش ۽ ڀارتي چينلز کي انٽرويو ڏنا ويندا آهن، هاڻ ڪنهن کي جيل جي ٻاھران هجوم گڏ ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي
هن چيو تہ پي ٽي آءِ باني ملڪ لاءِ خطرو آهي، هو ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، باني ۽ سندس پارٽي ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ چاهي ٿي، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکيا ويا.
هن چيو تہ 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا، جيڪو ڪم دشمن بہ نہ ڪيو اهو پي ٽي آءِ ڪيو، عمران خان پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهي، پي ٽي آءِ باني کي پنهنجو سياسي مستقبل نظر نہ پيو اچي انهي لاءِ هاڻ هو مختلف بيانيا ٺاهي رھيو آهي.
وفاقي وزير چيو تہ جيل سپرنٽينڊنٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي تہ ملاقات دوران سياسي هدايتون ڏنيون ويون جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي، انهي سبب جي ڪري ملاقاتون بند ڪيون ويون آهن.
هن خبردار ڪيو تہ جيل ٻاهران ڪنهن بہ امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، رياست جي رٽ هر صورتحال ۾ بحال ڪئي ويندي.
هن چيو تہ قيدي جي ملاقات قانون ۽ ضابطي موجب هوندي آهي، هاڻ ڪابہ ملاقات نہ ٿيندي، ملاقاتون بند آهن، جيل ٻاهران ڪنهن کي بہ امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڪيس داخل ڪيا ويندا، سختي سان منهن ڏنو ويندو.
هن وڌيڪ چيوہته چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن اچي ويو آهي، هنن کي شرم اچڻ گهرجي جن چانهہ جي پيالي ۾ طوفان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عطا تارڙ چيو تہ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو دروازو هاڻ بند ٿي چڪو آهي ڇو تہ انهي جي پارٽي اهو موقعو وڃائي ڇڏيو آهي. هاڻ ڪنهن بہ ڏڦيڙي، دهشتگرد، انتهاپسند سوچ رکندڙ سان ڪابہ ڳالهه ٻولهه نہ ٿيندي، پي ٽي آءِ باني کانسواءِ ڪا ڳالهہ ڪرڻي آهي تہ اها پارليامينٽ ۾ ڪريو.
وفاقي وزير چيو تہ پي ٽي آءِ جيڪڏھن رستو چاهي ٿي تہ انهي کي معذرت ڪرڻي پوندي ۽ اهو مڃڻو پوندو تہ انهي جي اڳواڻ غيرذميوراڻا ۽ نقصان ڏيندڙ بيان ڏنا
هن چيو تہ پي ٽي آءِ باني پنهنجي پارٽي کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي انهي جا اڳواڻ پاڻ اهو مڃيندا آهن تہ پي ٽي آءِ باني اسان کي غلط رستي تي وٺي ويو……..