پي ٽي آءِ دور ۾ بشريٰ بي بي سرڪاري فيصلن تي اثرانداز ٿيندي رھي: برطانوي ميگزين

فہرستِ مضامین

برطانوي ميگزين پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي تہ پي ٽي آءِ باني جي حڪومتي دور ۾ بشريٰ بي بي اهم سرڪاري فيصلن تي اثرانداز ٿيندي رھي.

عالمي خابرون ادارن موجب برطانوي ميگزين دي اڪانومسٽ اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ڪردار بابت هڪ خاص رپورٽ شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ پي ٽي آءِ باني جي ٽين شادي نہ رڳو هن جي ذاتي زندگي، پر سندس سرڪاري فيصلن تي بہ سوال پيدا ڪيا۔

رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم جي ويجهن ساٿين جو چوڻ آهي تہ بشريٰ بي بي اهم سرڪاري مقررين ۽ روزاني سرڪاري معاملن ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رھندي هئي، جنهن سبب فيصلا سازي ۾ “روحاني مشاورت” جو پهلو وڌيڪ نمايان ٿيندو ويو۔

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ بشريٰ بي بي جي روحاني اثرن سبب پي ٽي آءِ باني سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رھيو.

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ ڳجھي اداري جا ڪجھ ماڻھو اھڙي ڄاڻ بشريٰ بي بي تائين پھچائيندا ھئا، جنھن کي ھو وزيراعظم آڏو پنھنجي روحاني بصيرت سان حاصل ڪيل ڄاڻ طور پيش ڪندي ھئي.

ميگزين جي رپورٽ موجب اهي سمورا عنصر باني جي فيصلن تي اثرانداز ٿيا ۽ سرڪاري معاملن ۾ غيرمعمولي روحاني اثر و رسوخ بابت شڪايتن کي وڌيڪ هٿي ملي۔

ان رپورٽ ۾ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراھ فيض حميد تي بہ بشريٰ بي بي کي استعمال ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آھي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ ڪجھہ سينئر اهلڪارن،جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا کي بہ شڪايت ڪئي ھئي تہ پنهنجي زال جون ڳالهيون گهڻو ٻڌندو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں