پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آزادي لاءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ باضابطه شروع ڪري ڇڏي آھي، پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته احتجاج کان پوءِ پارٽي جي هڪ اڳواڻ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
عمران خان 5 آگسٽ 2023 کان توشه خانه تحفن واري ڪيس ۾ جيل ۾ قيد آهي، جڏهن ته هو 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي. سندس خلاف 9 مئي 2023 جي پرتشدد واقعن جي سلسلي ۾ دهشتگردي جا الزامن تحت ٻيا ڪيس به هلندڙ آهن.
عمران خان پنھنجي گرفتاري کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي سموري ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ تحريڪ انصاف پاران احتجاجي ريليون ڪڍي عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو.
حليم عادل شيخ گرفتار
پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به احتجاج جاري آهي. ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين جا واقعا پيش آھيا، پوليس مختلف علائقن مان 50 کان وڌيڪ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ دعويٰ ڪئي آھي تھ تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سوڌو ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي، حليم عادل شيخ ملير مان نڪتل ريلي جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو.
پي ٽي آءِ جي دعويٰ آھي تھ ڪياماڙي ضلعي ۾ پوليس پي ٽي آءِ جي 25 ڪارڪنن کي حراست م ورتو، ڪورنگي ضلعي مان ايم پي اي ساجد سمير سميت 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي به تحويل ۾ ورتو ويو.
ريحانه ڊار گرفتار
پي ٽي آءِ جي آفيسل ايڪس ( اڳوڻي ٽوئٽر) اڪائونٽ تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار ريحانه ڊار کي زبردستي وين ۾ ويهاري رهيا آهن. ريحانه ڊار 2024 جي عام چونڊن ۾ سيالڪوٽ مان مسلم ليگ (ن) جي وزير دفاع خواجه آصف خلاف اميدوار هئي.
پي ٽي آءِ الزام لڳايو آھي تھ ريحانھ ڊار ۽ ٻين ڪارڪنن جي گرفتاري پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي ھدايتن موجب ٿي آھي.
پي ٽي اھا بھ دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان جي ضلعي ڪوھلو ۾ احتجاج ڪندڙ ان جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. پارٽي پاران شيئر ڪيل تصويرن ۾ ڪارڪنن کي پوليس وين ۾ سوار ٿيندي وقت “فتح جو نشان” ڏيکاريندي ڏيکاريو ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪار هٿن ۾ ڏنڊا کڻي بيٺل هئا.
پي ٽي آءِ ملتان الزام لڳايو ته لاهور ۾ ان جي جلسي تي پوليس “حملو” ڪيو، جنهن ۾ ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان رسيو. شيئر ڪيل تصويرن ۾ هڪ گاڏي جي پٺيان واري ونڊو ڀڳل ۽ ان ۾ سوراخ نظر آيو.
موٽروي بندش
تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب مختلف هنڌن تي موٽرويز تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي احتجاج سبب اسلام آباد ۽ پشاور کي ملائيندڙ موٽروي تي صوابي انٽرچينج کي شام 5 وڳي کان ٻنهي طرفن جي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، جنهن سبب مسافرن کي شديد تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو.
پوليس پاران مظاھرين سان ڳالھيون ڪري موٽروي کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر احتجاج ڪندڙن روڊ کولڻ کان انڪار ڪيو.
سوشل ميڊيا تي ھڪ ٻي وڊيو بھ وائرل آھي، جنھن ۾ ماڻھن عمران خان جي آزادي لاءِ ريلي جي صورت ۾ بيٺل آھي، پي ٽي آءِ جي دعويٰ آھي تھ اھي سندن پارٽي جا ڪارڪن آھن، جيڪي عمران خان جي آزادي لاءِ اڊيالا جيل آڏو احتجاج ڪري رھيا آھن پر جيل انتظاميھ ان حوالي سان ڪا تصديق ناھي ڪئي.