پي ٽي آءِ جو حمايت يافتہ راجا ناصر عباس سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : مجلس وحدت المسلمين جي سربراهہ ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافتہ سينيٽر راجا ناصر عباس کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو.

سينيٽ سيڪريٽري حفيظ الله شيخ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني ٻڌايو تہ راجا ناصر عباس کي اپوزيشن سينيٽ جي 32 مان 22 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.

هن چيو تہ قائد حزب اختلاف کي ڊڪليئر ڪرڻ جو اختيار چيئرمين سينيٽ وٽ آهي، مان سينيٽر ناصر عباس کي ليڊر آف اپوزيشن ڊڪليئر ڪريان ٿو.

چيئرمين سينيٽ جو چوڻ هو تہ اپوزيشن ليڊر جي نوٽيفڪيشن وارو معاملو سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ التوا هيٺ رھيو، عدالتي طريقيڪار سبب دير ٿي، هاڻي مان ضابطن موجب عمل ڪندس…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں