اسلام آباد : وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي ۽ هو جن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهن اُهي ساڻن ڳالهائڻ نٿا چاهين.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي راڻاءُ ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم ٻہ دفعا ايوان ۾ اپوزيشن کي ڳالهين جو چيو ۽ دعوت ڏني
راڻا ثناءُ اللھ موجب وزيراعظم چيو تہ ميثاق استحڪام پاڪستان تي اتفاق ڪريو پر پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، هو جن سان ڳالهين لاءِ تيار آهن اُهي هنن سان ڳالهائڻ نٿا چاهين….