تحريڪ انصاف اڳواڻ شاھ محمود قريشي چيو آھي تہ پي ٽي آءِ باني جي اک جو ٻڌي ڏک ٿيو آھي، دعا کانسواءِ ڪجھ نٿو ڪري سگھان.
لاھور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميڊيا سان اڳوڻي پرڏيھي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاھ محمود قريشي چيو تہ قيدين جا حق ھوندا آھن جيڪي انھن کي ملڻ گھرجن، جيڪا جيل انتظاميہ جي ذميواري آھي.
شاھ محمود قريشي ٻڌايو تہ پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد کي چيڪ اپ لاءِ اسپتال وڃڻو ھو پر جيل انتظاميہ چيو سيڪيورٽي ناھي، ڊاڪٽر ياسمين راشد جو علاج بہ سيڪيورٽي نہ ھجڻ ڪري نہ ٿي سگھيو.
اڳوڻي پرڏيھي وزير چيو تہ سندس علاج پي ڪي ايل آءِ ۾ ھلي رھيو آھي ۽ سرجري کان بچي سگھان ٿو، مونکي بہ پوليس سيڪيورٽي نہ ھجڻ ڪري پي ڪي ايل آءِ نٿا وٺي وڃن، ان سموري معاملي ۾ ڏوھي پنجاب حڪومت کي سمجھان ٿو.
شاھد محمود قريشي چيو تہ باني جي اک جي نظر ختم ٿي وئي تہ ان جي ذميوار جيل انتظاميہ ۽ حڪومت آھي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو تہ پھريان ماڻھن کي سولر منتقل ڪيو ويو تہ ماڻھن الھ تلھ سولر تي لڳايو، ھاڻي جيڪي پاليسيون ٺاھيون ويون آھن انھن تي وزيراعظم بہ بي وس نظر ٿو اچي.
ھن چيو تہ عليمہ خان جا ڳوڙا ڏسي افسوس ٿيو، مان ھن ملڪ ۾ امن ڏسڻ چاھيان ٿو، بلوچستان ۾ دھشتگردي جي پٺيان ڀارت آھي، حڪومتي موقف اسان اتفاق ڪيان ٿو….