پي ٽي آءِ باني اقتدار لاءِ ٻارن جي قاتلن ڀارت، افغانستان کان مدد وٺي رھيو آهي: عظميٰ بخاري

فہرستِ مضامین

لاهور: پنجاب جي اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي تہ پاڪ فوج جي ترجمان ذهني مريض پي ٽي آءِ باني جو ملڪ دشمن ايجنڊہ وائکو ڪري ڇڏيو آھي.

عظميٰ بخاري چيو تہ ڀارتي ميڊيا جي هنج ۾ ويهي پاڪستان جي خلاف بيانبازي جي چال هلندڙ ذهني مريض کي قوم سڃاڻي ورتو آهي، ذهني مريض پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن جي قاتل طالبانن ۽ ڀارت جي سپورٽ حاصل ڪري رھيو آهي.

هن وڌيڪ چيو تہ بنيان مرصوص جي سپهہ سالار بابت واويلا اصل ۾ پي ٽِي آءِ باني جي ذهني ۽ اخلاقي مفلوج هجڻ جو ثبوت آهي، پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ هي ڪجهہ چهرا رياستي استحڪام لاءِ واضح خطرو آهن، دشمن ايجنڊا تي هلندڙن کي اها خبر هجڻ گهرجي تہ رياست انهن جي هر سازش کي ناڪام بڻائيندي.

هن چيو تہ رياستي ادارن تي حملو شهيدن جي توھين ۽ پاڪ فوج جي خلاف بيانيو اھا سڀ دشمن جي ايجنڊا آهي جنهن کي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں