پي ٽي آءِ اڳواڻ فلڪ جاويد کي 14 ڏينھن لاءِ جيل موڪلڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

لاھور جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فلڪ جاويد کي 14 ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آھي.

لاھور جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فلڪ جاويد کي رياستي ادارن ۽ ھڪ عورت صوبائي وزير خلاف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي غلط استعمال وارن 2 ڌار ڌار ڪيسن ۾ جوڊيشل رمانڊ تي اماڻي ڇڏيو آھي.

فلڪ جاويد جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي کيس جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .

مئجسٽريٽ نعيم وٽو ڪيس جي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ بعد فلڪ جاويد کي 14 ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان کان اڳ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ريس ڪيس پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيس ۾ فلڪ جاويد کان جيل ۾ پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي .

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں