پي ٽي آءِ انتھاپسندي جي سياسي ڇڏي، ادارن تي حملا ڪندا تہ ايڪشن تي شڪايت نہ ٿيڻ گھرجي: بلاول

فہرستِ مضامین

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زردري جو چوڻ آھي تہ پي ٽي آءِ انتھاپسندي جي سياست ڇڏي، پنھنجي ليڊر جي گرفتاري ۽ ڪيسز تي قومي ادارن تي حملا ڪندا تہ ايڪشن تي شڪايت نہ ھجڻ گھرجي.

لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ سياسي پارٽين کي جمھوريت جي بقا لاءِ سياسي حل ڪڍڻو پوندو، حالتن کي نظر ۾ رکندي سڀني سياسي جماعتن کي ھڪ نقطي تي آڻڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔

هن وڌيڪ چيو تہ پي ٽي آءِ انتهاپسندي واري سياست ڇڏي ڏئي، جيڪڏھن ليڊر جي گرفتاري ۽ ڪيس تي قومي ادارن تي حملو ڪيو ويندو تہ پوءِ ايڪشن تي شڪايت نہ ٿيڻ گھرجي، سياسي جماعتن کي جمهوريت جي بقا لاءِ سياسي حل ڪڍڻو پوندو ۽ موجودہ حالتن ۾ سڀني کي گڏ آڻڻ لاءِ صدر زرداري کي اڳتي اچڻو پوندو۔

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تہ چونڊون جلدي نہ ٿيون ٿين، نيون چونڊون ٿيڻ کان اڳ اليڪٽورل سڌارا ضروري آهن، اهڙا سڌارا آڻجن جن تي سڀني جو اعتماد هجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ عام ماڻهو کان ان جي معاشي حال بابت پڇڻ سان ملڪ جي اصل معاشي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، عام ماڻهو جو جواب اصل ٽيسٽ هوندو آهي، ڇا ان جي معاشي ترقي ٿي رھي آھي؟ وفاقي حڪومت معاشي بحران کي منھن ڏيڻ چاھي ٿي تہ پبلڪ پرائيوٽ پاٽنرشپ تي غور ڪري…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں