پي سي بي حيدر علي کي معطل ڪري ڇڏيو” پرڏيهه موڪلڻ کان اڳ ڪرڪيٽرن کي بنيادي ٽريننگ ته ڏيو

فہرستِ مضامین

مانچسٽر/ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر حيدر علي کي برطانيا ۾ مبينا زيادتي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو، پر پوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، قومي ڪرڪيٽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين برطانيھ نھ ڇڏي سگھندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) حيدر علي کي برطانوي ۾ گرفتاري ۽ ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ معطل ڪري ڇڏيو آھي.

برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حيدر علي کي هڪ عورت جي شڪايت تي مانچسٽر پوليس گرفتار ڪيو، رپورٽن مطابق، 4 آگسٽ 2025 تي عورت جي شڪايت داخل ٿيڻ کان پوءِ 24 سالن جي هڪ نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان جو ڪرڪيٽ حيدر علي نڪتو.

برطانوي  گريٽر مانچسٽر پوليس وضاحت ڪندي ٻڌايو ته مبينا واقعو 23 جولاءِ 2025 تي مانچسٽر جي هڪ علائقي ۾ پيش آيو. پوليس چيو ته گرفتار شخص کي وڌيڪ جاچ تائين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، پر جاچ مڪمل ٿيڻ تائين کيس برطانيا ڇڏڻ جي اجازت نھ ھوندي.

پي سي بي جو رد عمل

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حيدر علي جي گرفتاري ۽ ضمانت تي آزاد ٿيڻ واري خبرن کانپوءِ پنھنجي رد عمل ۾ چيو آھي تھ بورڊ کي گريٽر مانچسٽر پوليس حيدر علي خلاف خلاف ھلندڙ ڪيس کان آگاھھ ڪيو آھي، هي واقعو پاڪستان شاهينز جي انگلينڊ جي تازي دوري دوران پيش آيو، حيدر علي کي قانوني سهائتا فراهم ڪئي وئي آهي.

پي سي بي جو چوڻ آھي تھ پي سي بي برطانيا جي قانوني طريقيڪار جو مڪمل احترام ڪري ٿو، معاملي جي مڪمل جاچ ۽ حقيقتن جي سامهون اچڻ کان پوءِ پي سي بي پنهنجن ضابطن مطابق ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو، قانوني عمل مڪمل ٿيڻ تائين، پي سي بي هن معاملي تي وڌيڪ تبصرو نه ڪندو.

حيدر علي جو ڪيريئر

24 ورھين جي حيدر علي پھرين سيپٽمبر 2020 تي عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪيو، ھن زمبابوي خلاف پھرين ون ڊي ميچ کيڏي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ حيدر علي انگلينڊ خلاف پھرين ميچ کيڏي.

جيتوڻيڪ حيدر علي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ڪي خاص موقعا ناھن ڏنا ويا پر کيس جارح مزاج بيٽسمين سمجيھو ويندو آھي، ھن پاڪستان لاءِ اوپننگ بھ ڪئي آھي ۽ مڊل آرڊر جي نمبرن تي بيٽنگ ڪئي آھي.

ڪرڪيٽر حيدر علي پاڪستان طرفان 35 ٽي 20 ميچز جي نمائندگي ڪري چڪو آھن، جن ۾ سندس اسڪور 505 رنز آھي، ھن 3 ففٽيز بھ ٺاھيون آھن، جڏھن تھ ھن ون ڊي فارميٽ ۾ رڳو 2 ميچز کيڏيون آھن.

حيدر علي مجموعي طور تي 164 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون آھن، جنھن ۾ ھن پاڪستان سپر ليگ، آسٽريليا ۾ ٿيندڙ بگ بيش ليگ ۽ بنگلاديش ۾ ٿيندڙ بنگلاديش پريميئر ليگ به کيڏي آھي.

ٽي ٽوئنٽي جي سمورن فارميٽس ۾ ھن 3141 رنز ٺاھيون، سندس انفرادي بھترين اسڪور 91 آھي، سندس ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ۾ 156 ڇڪا بھ شامل آھن، جنھن ڪري کيس جارح مزاج بيٽر طور سڃاتو وڃي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں