لائیو پي ايس ايل جي ٽيم ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر تي ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔

آسٽريلوي ميڊيا موجب ڊيوڊ وارنر تي نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ جو الزام آهي۔

رپورٽن موجب  سڊني جي علائقي ماروبرا ۾ پوليس ڊيوڊ وارنر کي گاڏي هلائيندي روڪيو ۽ سندس ٽيسٽ ڪيو، ڊيوڊ وارنر پوليس جي ٽيسٽنگ سينٽر کان اڳ ئي گاڏي روڪي هئي، پر اهلڪارن سندس بريٿ ٽيسٽ ورتو.

رپورٽ موجب ٽيسٽ ھاڪاري اچڻ تي پوليس سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو، ۽ نيو سائوٿ ويلز پوليس کيس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو۔

ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوڊ وارنر کي 7 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڊيوڊ وارنر هن وقت پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هو ڪجهه ڏينهن جي موڪل تي آسٽريليا ويو هو ۽ کيس 9 اپريل تي ٻيهر ٽيم سان شامل ٿيڻو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں