پي آءِ اي جي ٻولي لڳائيندڙ عارف حبيب ڪير آھي ۽ عارف حبيب گروپ ۾ ڪھڙيون ڪمپنيون شامل آھن؟

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي قومي هوائي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي)کي خريد ڪرڻ لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيئم 135 ارب رپين جي ٻولي لڳائي جيڪا ڪامياب ٿي وئي.

قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي خانگائڻ واري عمل دوران عارف حبيب ۽ لڪي گروپ وچ ۾ ٻولي جو مرحلو ٿيو، جنهن ۾ عارف حبيب گروپ سميت چئن ڪمپنين تي ٻڌل ڪنسورشيئم سڀ کان وڌيڪ 135 ارب رپيا ٻولي لڳائي.

عارف حبيب ڪنسورشيئم ۾ عارف حبيب لميٽيڊ، فاطمہ فرٽيلائزر، سٽي اسڪول ۽ ليڪ سٽي هولڊنگز شامل آهن.

ان کان اڳ 3 گروپن ٻوليون جمع ڪرايون، واري تقريب ۾ جيڪا پهرين ٻولي کولي وئي، اها لڪي گروپ جي ھئي، جنهن پي آءِ اي خريد ڪرڻ لاءِ 101.5 ارب رپين جي ٻولي لڳائي هئي.

ان کانپوءِ ايئر بلو پاران 26.5 ارب رپين جي ٻولي جمع ڪرائي وئي، جڏھن تہ ٽئين ۽ آخري ٻولي عارف حبيب گروپ ۽ ان جي ساٿي ڪمپنين جي ھئي جيڪا سڀ کان وڌيڪ 115 ارب رپيا ھئي.

حڪومت پاران پي آءِ اي جي وڪرو لاءِ گھٽ ۾ گھٽ قيمت 100 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي ھئي

ٻئي مرحلي ۾ عارف حبيب گروپ ۽ لڪي گروپ وچ ۾ ٻولي ٿي، هن مرحلي ۾ ٻولي جي شروعات 115 ارب رپين کان ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڪروڙ رپين جو واڌارو ڪيو پئي ويو، ان دوران بہ سڀ کان وڌيڪ ٻولي عارف حبيب ڪنسورشيئم طرفان 135 ارب رپين جي لڳائي وئي، جيڪا آخري ۽ حتمي ثابت ٿي۔

نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو تہ قومي ايئرلائن جي نجڪاري سڌارن واري ايجنڊا جو حصو آھي، حڪومت جو مقصد قومي ايئر لائن کي وڪڻڻ نہ پر ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي، قومي ايئر لائن جي نجڪاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي.

نجڪاري ڪميشن بابت صلاحڪار موجب حڪومت چاھي ٿي تہ قومي ايئرلائن ماضي وانگر ٻيھر بھتر ٿئي، ٻولي مان حاصل ٿيل رقم جو 92.5 سيڪڙو حصو قومي ايئرلائن جي بھتري تي خرچ ٿيندو

پي آءِ اي خريد ڪندڙ عارف حبيب جو پھريون اعلان

پي آءِ اي خريد ڪندڙ عارف حبيب گروپ جي چيئرمين عارف حبيب ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اڄ پاڪستان جي فتح ٿي آهي، ايئرلائن جي جھازن جو انگ 38 مان وڌائي 65 ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا، پي آءِ اي کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ محنت ڪنداسين.

عارف حبيب چيو تہ اڄ جي نجڪاري سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي ۽ ٻاهرين ملڪن مان سيڙپڪار بہ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا، سموري عمل جو ڪريڊٽ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن ۽ ڪابينا ڏانھن وڃي ٿو۔

هن چيو تہ هو هن ايئرلائن کي ٻيهر عظيم بڻائڻ لاءِ محنت ڪندا، جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي بہ فائدو ٿيندو، کيس لڳي ٿو تہ ھن سان نجڪاري جا ٻيا رستا بہ کلندا، پرائيويٽائزيشن ڪميشن شفاف طريقي سان سمورو عمل مڪمل ڪيو

عارف حبيب ڪير آھي؟

عارف حبيب پاڪستان جو ھڪ مشھور ڪاروباري اڳواڻ، اسٽاڪ ٽريڊر ۽ سيڙپڪار آھي، جيڪو عارف حبيب گروپ جو چيئرمين آھي، ھو پاڪستان جي مالي شعبي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ پنھنجي محنت ۽ ڏاھپ جي ڪري مشھور آھي.

عارف حبيب ڪراچي ۾ ڄائو ۽ ھن پنھنجي شروعاتي تعليم مقامي اسڪول مان حاصل ڪئي، جواني ۾ ئي ھن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ دلسچپي ورتي ۽ 17 سالن جي عمر ۾ بروڪر طور پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، پنھنجي محنت ۽ ڏاھپ سان مارڪيٽ ۾ پنھنجو نالو ٺاھيو.

عارف حبيب 6 ڀيرا ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو صدر رھي چڪو آھي ۽ ھن مارڪيٽ جي ترقي ۽ شفافيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.

عارف حبيب ڪنسورشيئم ڇا آھي؟

عارف حبيب ڪنسورشيئم ۾ بروڪريج ھائوس عارف حبيب لميٽڊ، فاطمہ فرٽيلائزر، سٽي اسڪول ۽ ليڪ سٽي ھولڊنگز شامل آھن.

عارف حبيب لميٽيڊ پاڪستان جي هڪ وڏي سيڪيورٽيز بروڪنگ، انويسٽمينٽ بينڪنگ ۽ ريسرچ فرم آهي،  هي ڪمپني پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لسٽ ٿيل آهي، ڪمپني جي ويب سائيٽ موجب، هي واحد بروڪنگ فرم آهي جيڪا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٽاپ 25 ڪمپنين ۾ شامل آهي۔

فاطمہ فرٽيلائزر پاڪستان ۾ ڀاڻ ٺاھيندڙ ڪمپني آھي، جيڪا 2003ع ۾ فاطمه گروپ ۽ عارف حبيب گروپ جي وچ ۾ هڪ گڏيل منصوبي طور قائم ڪئي وئي، ڪمپني پنهنجي پيداوار سرسبز ۽ ببر شير جهڙن برانڊز تحت ۽ يوريا سميت ٻين قسم جو ٻج تيار ڪري ٿي۔

سٽي اسڪول 1978ع ۾ قائم ٿيو ۽ سموري ۾ ان جون 500 برانچون آهن، جتي ڏيڍ لک کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رھيا آهن.

ليڪ سٽي پاڪستان ۾ هڪ ريل اسٽيٽ ڪمپني آهي، ليڪ سٽي لاهور ۾ هڪ ريزورٽ / رھائشي ترقياتي منصوبو آهي۔

عارف حبيب عارف حبيب ڪارپوريشن لميٽيڊ قائم ڪئي ھئي ۽ هو هن وقت ان جو چيئرمين آهي، هو فاطمہ فرٽيلائزر ڪمپني لميٽيڊ جو پڻ چيئرمين آهن۔عارف حبيب ماضي ۾ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو 6  ڀيرا صدر بہ رھي چڪو آھي، ھو سينٽرل ڊيپازٽري ڪمپني آف پاڪستان لميٽيڊ جو باني ميمبر ۽ چيئرمين پڻ رھيو آھي.

هو ماضي ۾ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ٽريف ريفارمز ڪميشن ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج آرڊيننس ريويو ڪميٽي جي ميمبر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں