پي آءِ اي مانچسٽر کانپوءِ هاڻي اسلام آباد کان لنڊن لاءِ بہ اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
پي آءِ اي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ اسلام کان لنڊن لاءِ ھفتيوار 4 اڏامون اپريٽ ڪيون وينديون، لنڊن جي اڏامون هيتھرو ايئرپورٽ جي جديد ترين ٽرمينل 4 تان آپريٽ ٿينديون۔
قومي ايئرلائن جي ترجمان چوڻ آهي تہ لنڊن لاءِ پي آءِ اي جي پهرين اڏام 29 مارچ تي روانو ٿيندي۔
قومي ايئرلائن جي ترجمان جو چوڻ آهي تہ پي آءِ اي جي لنڊن لاءِ اڏام 6 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ روانو ڪئي پئي وڃي، لنڊن پي آءِ اي جو سڀ کان پهريون عالمي ۽ تمام پرڪشش روٽ آهي۔
ترجمان موجب اڳ ۾ ئي مانچسٽر لاءِ هفتيوار ٽي اڏامون آپريٽ ڪيون پيون وڃن۔
ياد رھي تہ دفاع واري وزير خواجہ آصف آڪٽوبر 2025 ۾ اسلام آباد کان مانچسٽر لاءِ هفتيوار 3 اڏامن جو آغاز ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پهرين پرواز مانچسٽر پهتي هئي۔…..