پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ پنھنجي حڪومت ٺاھڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، انھي حوالي سان صدر آصف علي زرداري آزاد ڪشمير ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
صدر آصف علي زرداري جي صدارت ھيٺ ايوان صدر ۾ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو.
پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻ چوڌري ياسين موجب پارلياماني پارٽي جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ھئا، اجلاس کان پھريان سيشن جي صدارت بلاول ڀٽو زرداري ڪئي، ٻيو سيشن آصف علي زرداري جي صدارت ھيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم انوار الحق کي عھدي تان ھٽائڻ ۽ نئين حڪومت ٺاھڻ بابت حڪمت عملي طئي ڪئي وئي، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير ۾ اِن ھائوس تبديلي جو فيصلو برقرار رکيو.
صدر آصف علي زرداري آزاد ڪشمير ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ ۽ آزاد ڪشمير ۾ نئين حڪومت ٺاھڻ جي منظوري پڻ ڏني
چوڌري ياسين وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪندو.
ٻئي پاسي ذريعن موجب، وزارتِ عظميٰ لاءِ چوڌري ياسين، لطيف اڪبر ۽ سردار يعقوب اميدوار آهن.
پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موجوده وزيراعظم آزاد ڪشمير استعيفيٰ نہ ڏيندو تہ بي اعتمادي رٿ لاءِ نمبرز پورا آھن.
ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري سومر جي ڏينهن حڪومت سازي جو اعلان ڪندو