پيپلز پارٽي وارا پنهنجي نعري تان ڦري ويا، مان عوامي حق جو تحفظ ڪندس: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر

فہرستِ مضامین

شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آھي ته پيپلزپارتي وارا اٽي، لٽي ۽ اجھي واري نعري تان ڦري ويا آھن، غريبن کان ھڪ ويلي جي ماني بھ کسي وئي آھي، سندس نئين پارٽي عوامي حقن جو تحفظ ڪندي.

ملير ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته ھو ڪنھن کي بھ سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏيندا، سنڌو ۾ سندن ساھ آھي.

ھن چيو ته جن ماڻهن سنڌو ڏٺو ئي ناهي، انهن کي ڪهڙي خبر درياھ ڇا آهي۔

ھن چيو ته گلشن حديد جي نوجوانن جو پيار ۽ محبت ڏسي دل خوش ٿي وئي آھي.

ذوالفقار ڀٽو جونيئر ھڪ ڀيرو ٻيھر نئين پارٽي ٺاھڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ھو نئين پارٽي ٺاهي رهيو آهي،  جنهن ۾ هارين، پورھيتن شاگردن ۽ نوجوانن سان گڏجي عوام جي خدمت ڪندا.

سندس چوڻ ھو ته سندس خواھش آھي تھ هن ملڪ جو وزيراعظم هڪ هاري ٿئي، ھو عوامي سياست چاھين ٿا.

ھن چيو ته ھو ڪرسي واري موروثي سياست جو خاتمو چاهين ٿا، عوامي سياست تي يقين رکن ٿا.

” پ پ  وارا اٽي، لٽي ۽ اجھي جي نعري تان ڦري ويا “

پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي ھن چيو تھ پ پ  وارا اٽي، لٽي ۽ اجھي واري نعري تان ڦري ويا آھن، غريبن کان ٻن ويلن جي ماني بھ کسي وئي آھي.

جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي روزگار ۽ ملڪ جي ترقي لاء اسٽيل مل ٺاهي هئي، جنهن کي ڪرپشن ذريعي تباھ ڪيو ويو.

” ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته درياءَ ڇا آهي؟ “

ھن چيو ته ڪنھن کي بھ سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏيندا، سنڌو ۾ سندن ساھ آھي، سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن سنڌو ڏٺو ئي ناهي، انهن کي ڪهڙي خبر درياءَ ڇا آهي۔

سياسي پارٽي ٺاھڻ جو اعلان

جونيئر ذوالفقار ڀٽو سياسي پارٽي ٺاھڻ جو اعلان لاھور مان ڪيو، سندس ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو به لاھور مان سياست ۾ قدم رکيو ھو.

ذوالفقار ڀٽو لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھو تھ پارٽي جو مقصد ھارين، پورھيتن ۽ عام ماڻھو جي تحفظ تي ٻڌل ھوندو.

ھن وقت تائين جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي جو نالو سامھون ناھي اچي سگھيو.

جونيئر ذوالفقار ڀٽو لاڙڪاڻي ۽ لياري مان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اظھار ڪيو.

نئين پارٽي ۾ فاطمه ڀٽو جو ڪردار

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ ھو جلد ئي نئين پارٽي جي نالي جو اعلان ڪندو.

ھن چيو تھ ھو نئين پارٽي جي نالي جو اعلان پنھنجي ڀيڻ فاطمھ ڀٽو سان گڏجي ڪندو.

سندس چوڻ ھو ته ھو سمجھي ٿو تھ سندس  سياسي سفر ۾ بھ فاطمه ڀٽو جو اھم ڪردار آھي، تنھنڪري ھو نئين پارٽي واري معاملي بھ فاطمھ ڀٽو سان صلاح مشورو ڪري رھيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں