پيپلز پارٽي جو 58 ھون يوم تاسيس، مختلف شھرن ۾ تقريبون

فہرستِ مضامین

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي 58ھين يوم تاسيس جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ جلسا، ريليون ۽ تقريبون ڪوٺايون ويون، يوم تاسيس جي مک تقريب ڪراچي جي ڪورنگي ۾ ٿي جنھن کي بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو.

حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، لاڙڪاڻو، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ٻين شھرن ۾ 58 ھين جي موقعي تي ريليون، جلسا ۽ تقريبون ٿيون، جتي جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پارٽي سان محبت جو اظھار ڪيو.

يوم تاسيس جي حوالي سان مک تقريب ڪراچي جي ڪورنگي ۾ ٿي  جنھن کي بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو، اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي اڄ بہ عوام جي دلين ۾ رھندڙ پارٽي آهي، پيپلز پارٽي عوامي ۽ جمهوري اصولن تي قائم آهي.

حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ويجھو تقريب ڪوٺائي وئي جتي وڏي اسڪرين تي بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب نشر ڪيو ويو، تقريب ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، ڪاشف شورو، عبدالجبار خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ڄامشورو ۾ پيپلزپارٽي جي 58 هين يومِ تاسيس جي موقعي تي خانگي شادي هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي جي سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

مٽياري ۾ يوم تاسيس جي موقعي تي علي بابا ھال مٽياري ۾ جلسو ٿيو، جنھن ۾ ايم پي اي مخدوم فخرالزمان، ضلعي صدر امير شاھ ۽ ٻين عھديدارن توڙي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جلسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو لائيو خطاب ڏيکاريو ويو

لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جسلو ڪوٺائيو ويو جنھن ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ شرڪت ڪئي.

عمرڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي پاران يوم تاسيس جي موقعي تي برھان ھائوس ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو، جتي وڏي اسڪرين لڳائي بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب ڏيکاريو ويو

تقريب ۾ ايم پي اي تيمور ٽالپر، ضلعي صدر ڊاڪٽر نور علي شاهہ، ضلعي چيئرمين محمد بقا پلي، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز، ميان خالد ولهاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي، جيڪا 58 سال کان عوام جي خدمت ڪندي رھي آهي.

ميرپورماٿيلو ۾ گھٽا گھر وٽ جسلو منقعد ڪيو ويو ، جنھن ۾ صدر مير بابر خان لنڊ، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، دادن خان مھر ۽  ٻين تقريب کي خطاب ڪيو، جڏھن تہ اسڪرين لڳائي بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب ڏيکاريو ويو.

مٺي ۾ صادق فقير چوڪ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ڊويزنل صدر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ضلعي صدر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ ٻين هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ پيپلزپارٽي جي 58 سالن جي خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو.

ڳڙھي ياسين ۾ ڪوٽ دراني ۾ پيپلزپارٽي جي يوم تايسيس جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏھن تہ بلاول ڀٽو زرداري جو خطاب پڻ ڏيکاريو ويو.

ڪنڌڪوٽ ۾ يوم تاسيس جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين گل محمد جکراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جيڪب آباد ۾ يوم تاسيس جي حوالي سان ٻيڙي چوڪ تي جلسو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ ايم پي اي ممتاز جکراڻي، شير محمد مغيري، ضلعي صدر لياقت لاشاري سميت ٻين عھديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں