پيپلزپارٽي پاران آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لاءِ چوڌري ياسين جو نالو فائنل

فہرستِ مضامین

پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي اميدوار جو نالو فائنل ڪري ورتو آھي

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ اِن ھائوس تبديلي جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي وزارت عظميٰ لاءِ چوڌري ياسين جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.

ذريعن موجب چوڌري ياسين جي نالي جو اعلان بلاول ڀٽو زرداري پاران زرداري ھائوس ۾ ڪيو، ان موقعي تي پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي قيادت بہ موجود ھئي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ پيپلز پارٽي ۾ وزارت عظميٰ لاءِ چئن نالن تي غور ڪيو ويو، چوڌري ياسين، لطيف اڪبر، فيصل ممتاز راٺوڙ ۽ سردار يعقوب جي نالن تي غور ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ سڀاڻي آزاد ڪشمير اسيمبلي سيڪريٽري ۾ جمع ڪرائي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں