پيپلزپارٽي جو ھڪ ڀيرو ٻيھر قومي اسيمبلي ۾ مريم نواز جي بيانن خلاف واڪ آئوٽ

فہرستِ مضامین

پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي ۾ مريم نواز جي بيانن خلاف واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي اڳواڻ نويد قمر چيو آھي تہ مريم نواز مسلسل تڪراري بيان ڏئي رھيو آھي.

نويد قمر چيو تہ جيستائين مسئلو حل نٿو ٿئي، ڪنھن بہ قانونسازي جو حصو نہ بڻنجنداسين

 نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي درخواست تي پ پ ايم اين ايز ٻيھر ايوان ۾ واپس  آيا.

اسحاق ڊار چيو تہ ھڪٻئي تي الزام لڳائڻ مسئلي جو حل ناھي، جلد پ پ قيادت سان ڳالھائي مسئلا حل ڪيا ويندا.

 نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آھي تہ ھي ڪو وڏو مسئلو ناھي، ٻنھي طرفن کان بيان اچي رھيا آھن، چاھيون ٿا تہ مسئلا سٺي ريت حل ٿي وڃن. اسحاق ڊار چيو تہ جلد پ پ قيادت سان ملاقات ڪري معاملو ختم ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں