پيٽرول 6 روپيا، گاسليٽ پوڻا 3 روپيا ۽ ڊيزل ھڪ روپيو سستو ٿيڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

ملڪ ۾ ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾  گهٽتائي جو امڪان  آھي، ذريعن موجب 16 آڪٽوبر کان پيٽرول في لٽر 6 رپيا 10 پيسا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 97 پيسا في لٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي۔

ساڳئي وقت گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا 75 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ ھڪ روپيو 64 پيسا في لٽر گهٽجڻ جو امڪان آهي۔

ذريعن موجب پيٽروليم ڪمپنين اگهن متعلق رپورٽ اوگرا ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ اوگرا اڄ شام پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري پيٽروليم ڊويزن ذريعي ناڻي وزارت  ڏانهن موڪليندي۔

وزيراعظم سان صلاح مشوري بعد  ناڻي واري وزارت سڀاڻي پيٽروليم شين جي نون اگهن جي حتمي منظوري ڏيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں