اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سان گڏ شهرين تي ٽيڪسن، ليوي ۽ مختلف مارجنز جو بار به وڌي ويو آهي. دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي اصل قيمت ۽ مقرر ڪيل وڪري واري قيمت ۾ 133 رپين کان وڌيڪ جو فرق آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل به اصل قيمت کان 122 رپيا 55 پئسا في ليٽر مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي.
دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز جي مد ۾ 131 رپيا 60 پئسا وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڊيزل جي هڪ ليٽر تي 122 رپيا 55 پئسا ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز لاڳو آهن.
دستاويزن مطابق پيٽرول جي هڪ ليٽر جي اصل قيمت 234 رپيا 73 پئسا آهي، جڏهن ته هن وقت پيٽرول جي في ليٽر قيمت 367 رپيا 75 پئسا مقرر آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ
پيٽروليم ڊويزن موجب گذريل ٽن ڏينهن دوران پيٽرول جي قيمت ۾ 21 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
7 سيپٽمبر تي پيٽرول جي في ليٽر قيمت 345 رپيا 87 پئسا هئي، جيڪا هاڻي وڌي 367 رپيا 75 پئسا ٿي وئي آهي.
ساڳئي عرصي دوران ڊيزل جي قيمت ۾ به 14 رپيا 62 پئسا في ليٽر اضافو ٿيو آهي.
7 سيپٽمبر تائين هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 378 رپيا 5 پئسا هئي، جيڪا هاڻي وڌي 392 رپيا 67 پئسا ٿي وئي آهي.
شهرين تي اضافي بار
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ تازو اضافو نه رڳو سڌي طرح گاڏين جي مالڪن لاءِ خرچ وڌائي رهيو آهي، پر ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ سان ٽرانسپورٽ، مال برداري ۽ روزمره استعمال جي مختلف شين جي قيمتن تي به اضافي دٻاءُ پوڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف دستاويزن ۾ ظاهر ٿيندڙ ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز جي رقم سبب پيٽروليم شين جي اصل قيمت ۽ صارفين کان وصول ٿيندڙ قيمت ۾ وڏو فرق پڻ سامهون آيو آهي.