اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ وڌيڪ 0.49 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
شماريات واري اداري طرفان مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب هفتيوار مهانگائي جي مجموعي سالياڻي شرح وڌي 9.66 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 23 ضروري شين جون قيمتون وڌيون، جڏهن ته 10 شين جون قيمتون گهٽ ٿيون ۽ 18 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.
شماريات واري اداري موجب تازو هفتي دوران پيٽرول جي قيمت ۾ 3.77 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته پياز 14.17 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 3.35 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب چڻن جي دال، ٿوم، چانهه ۽ ٻين ڪيترين ئي ضروري شين جون قيمتون پڻ وڌي ويون.
ٻئي طرف هڪ هفتي دوران آنن جي قيمت ۾ 5.78 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5.15 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
شماريات واري اداري موجب ٽماٽن جي قيمت ۾ 4.99 سيڪڙو ۽ پٽاٽن جي قيمت ۾ 1.17 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته کنڊ، ايل پي جي ۽ ڪيلا پڻ سستا ٿيا.