پاڪ فوج قومي سلامتيءَ جي مامرن تي اتفاق راءِ وقت جي اھم ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان قومي بيانيو جوڙڻ لاءِ قائم قومي پيغام امن ڪميٽي اين پي اي سي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ رياست دشمن بيانيَن خلاف گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو، اين پي اي سي فتنہ الخوارج ۽ افغان طالبان جي مذمت ڪندي چيو تہ دهشتگردي جو ڪو بہ جواز ناهي۔
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ دشمن جــِي نفسياتي جنگ جي مقابلي لاءِ عوامي شعور ۽ سچائي تي ٻڌل بيانيو فيصلائتو ھٿيار آھي، قومي سلامتيءَ جي مامرن تي اتفاق راءِ وقت جي اھم ضرورت آھي، رياستي بيانيي جي واڌاري لاءِ مسجدن، مدرسن ۽ يونيورسٽين ۾ آگاهي ۽ رھنمائي واريون ويهڪون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔
اين پي اي سي اتحادِ، سماجي هم آهنگي ۽ آئيني برابري جو پيغام سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ جو اعلان ڪيو، جڏھن تہ نفرت انگيزي، فرقيواريت ۽ تڪفيري بيانيي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو۔
ملاقات کي غيرمعمولي طور فائديمند قرار ڏيندي اعتماد ۽ عملي سهڪار جي رستن تي اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي وئي۔…