پير پاڳاري جي باري پتافي سان ملاقات، گھوٽڪي جي سياست ۾ ھلچل تيز؟

فہرستِ مضامین

ايڪسپلينر: شڪيل سومرو

گهوٽڪي ضلعي جي سياست ۾ اوچتو هلچل تڏهن تيز ٿي وئي، جڏهن حرن جي روحاني پيشوا ۽ پ پ مخالف اتحاد جي سربراھ پيرپاڳارو پنهنجو رخ ميرپور ماٿيلو طرف ڪيو ۽ سڌو وڃي اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي جي فارم هائوس تي پهتو. هي صرف هڪ روايتي ملاقات نه هئي، پر اهڙي سرگرمي هئي جنهن گهوٽڪي ضلعي جي سياسي فضائن ۾ نوان سوال ۽ بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن .

 ملاقات يا سياسي پيغام؟

پير پاڳاري جي آمد دوران عبدالباري پتافي پاران  شاندار آجيان، گڏيل ڪچهريون ۽ “دعائن لاءِ هٿ کڻائڻ” جهڙا منظر سوشل ميڊيا تي گهڻو وائرل ٿي رهيا آهن   ۽ جنهن کي سياسي حلقا صرف روحاني عمل نه پر هڪ علامتي سياسي سگنل طور ڏسي رهيا آهن .

پير پاڳاري جا لفظ به ڌيان ڇڪائيندڙ هئا، “عبدالباري خان، اوجھان روح جا ماڻهو آهيو، اوهان کي دعوت ڏيندس، رات رهنداسين، ڪچهريون ڪنداسين.”اهو جملو رڳو مهمان نوازي نه، پر هڪ سياسي ويجهڙائپ جو اظهار به لڳي ٿو.

 پ پ اندر دٻاءُ ۽ اندروني تڪرار

هي ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن گهوٽڪي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي اندر گروپ بندي پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي.

عبدالباري پتافي جي پنهنجي پارٽي اندر مخالفت

لنڊ ۽ مهر گروپ ٻني سان ڇڪتاڻ 2024 جي چونڊن ۾ شڪست ۽ مخالف اميدوار سردار نادر اڪمل لغاري جو پوءِ پ پ ۾ شامل ٿيڻ اهي سڀ عنصر باري پتافي کي سياسي طور ڪمزور به ڪن ٿا ۽ “متبادل رستو” ڳولڻ تي مجبور به ڪن ٿا.

ف ليگ ۽ جي ڊي اي جون سياسي سرگرميون

ٻئي طرف فنڪشنل مسلم ليگ  ۽ جي ڊي اي به سياسي طور تي سرگرم ٿي چڪا آهن، پير صدر الدين شاھ راشدي  ڪراچي ۾ سرگرم پير پاڳاري جو فرزند راشد شاھ راشدي ۽ تازو فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيندڙ معظم  عباسي اسلام آباد ۾ رابطا وڌائي رهيا آهن، اهي سموريون سياسي سرگرميون ٻڌائن ٿيون ته فنڪشنل ليگ پاڻ کي ٻيهر “فنڪشنل” ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 گهوٽڪي ضلعو سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ ۾ سدائين اڳڀرو:

سياسي  وفاداريون تبديل ڪرڻ واري  سياست گهوٽڪي ضلعي جي سياست جي هڪ خاص سڃاڻپ رهي آهيم  وفادارين جي تبديلي پوء اهيمهر هجن يا  لنڊ، شر، ڏهر، ڌاريجو، بوزدار ۽ پير لڳ ڀڳ سڀئي وڏا نالا ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي پارٽيون بدلائيندا رهيا آهن، مرحوم سردار علي محمد مهر به آخري وقت تي پيپلزپارٽي جي  ٽڪيٽ واپس ڪري آزاد حيثيت ۾ کٽي آيو ۽ پوء هو پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ سنڌ جو وڏو وزير ٿيو . سردار خالد احمد لنڊ پيپلزپارٽ کي ڇڏي پيپلزپارٽي پيٽرياٽ ۾ شامل ٿيو، ڄام مهتاب حسين ڏهر هجي يا سردار نادر اڪمل لغاري اهي سڀ   آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي هارائي  پوءِ پ پ ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن، ان پس منظر ۾ باري پتافي جو امڪاني قدم ڪو غيرمعمولي نه هوندو.

 ڇا باري پتافي پارٽي ڇڏيندو؟ هاڻي اصل سوال اهو آهي  ڇا باري پتافي پ پ کي الوداع چوندو؟، پير پاڳاري سان ويجهڙائپپارٽي اندر اختلاف سياسي اڪيلائي ڇا عبدالباري پتافي کي پيپلزپارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو، پير پاڳاري جو باري پتافي وٽ وڃڻ رڳو هڪ ملاقات ناهي، اهو گهوٽڪي جي سياست ۾ نئين صف بندي جو امڪاني آغاز آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي تہ ڇا هي “روحاني ملاقات” سياسي اتحاد ۾ تبديل ٿيندي؟، يا باري پتافي صرف پنهنجي پارٽي اندر پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ اهو ڪارڊ کيڏي رهيو آهي؟، گهوٽڪي ۾ ياسي “کچڻي پچڻ” شروع ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ مهينن ۾ اها سياست شايد اڃا وڌيڪ نئون رنگ اختيار ڪري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں