حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري صبغت الله راشدي حر جماعت ۾ جيسلمير چونڪي جي خليفي فقير قادر بخش مڱريو کي چيف خليفي جي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو آھي. پير پاڳاري پاران لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آھي ته جماعت اندر ڪو به چيف خليفو نه آھي،
پير پاڳاري 26 جولاءِ تي پنھنجي مھر سان جاري ڪيل تحريري حڪمنامي ۾
فقير قار بخش مڱريو جو نالو کڻڻ کانسواءِ لکيو آھي تھ جماعت اندر ھر ڪو پنھنجي طريقي جو خليفو رھندو ۽ ھر خليفو پنھنجي طريقي کان علاوھ ڪنھن ٻئي جي طريقي ۾ مداخلت نه ڪندو.
پير پاڳاري جو اھڙو حڪمنامو جاري ٿيڻ کان اڳ تائين جيسلمير چونڪي جو خليفو فقير قادر بخش مڱريو حر جماعت ۾ چيف خليفي طور به ذميواريون ادا ڪري رھيو ھو، حر جماعت جي ذريعن موجب روحاني پيشوا جي حڪمنامي جي نتيجي ۾ فقير قادر بخش مڱريو ھاڻي چيف خليفو نھ رھيو آھي.
پير پاڳاري مريدن جي شڪايتن بعد تازو جون ۽ جولاءِ ۾ حر جماعت اندر وڏي پيماني تي انتظامي تبديليون ڪندي اڳوڻي ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي جھڙي اھم ۽ بااثر خليفي کي عھدي تان ھٽائڻ بعد جماعت مان نيڪالي ڏيڻ جا بھ حڪم جاري ڪيا ھئا.
پير پاڳاري وريام فقير سميت سمورن خليفن جي نائبن کي به ھٽائي ڇڏيو ھو ۽ درگاھ جي سموري فيصلا ڪميٽي کي به معطل ڪندي نئين ڪميٽي جوڙي ھئي.
حر جماعت جي ذريعن موجب پير پاڳاري جماعت اندر اھا سموري اٿل پٿل مريدن جي شڪايتن تي ۽ خليفن جي وڌي ويل اثر رسوخ کي گھٽائڻ لاءِ ڪئي آھي.
ڪيترن ئي مريدن شڪايت ڪئي ھئي تھ کين ھٿ بند ۽ دربند جون غلط سزائون ٻڌايون ويون ۽ دانھڻ باوجود چيف خليفي بھ نوٽيس نھ ورتو.
حر جماعت ۾ ھٿ بند ۽ در بند سزائن جو مطلب سوشل بائيڪاٽ آھي، اھڙي سزا ٻڌايل مريدن سان جماعت جا ماڻھو اٿڻي ويھڻي، مٽي مائٽي سميت سمورا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيندا آھن
حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري تازو جون ۽ جولاءِ ۾ جڏھن حر جماعت اندر وڏي پيماني تي انتظامي تبديليون ڪندي اڳوڻي ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي جھڙي اھم ۽ بااثر خليفي کي عھدي تان ھٽائڻ بعد جماعت مان نيڪالي ڏيڻ جا بھ حڪم جاري ڪيا تھ حر جماعت جي انتظامي معاملن کان واقف ماڻھن جا ڇرڪ نڪري ويا.
اُن کان اڳ ڪيل فيصلن جا تفصيل
پير پاڳاري نه رڳو وريام فقير پر سندس مقرر ڪيل نائبن ۽ ٻين خليفن جي مقرر ڪيل سمورن نائب مکن کي به عھدن تان ھٽائي ڇڏيو.
پير پاڳاري وريام فقير کي ورياماڻي سنگت جي مک واري عهدي تان ھٽائڻ بعد کيس جماعت مان نيڪالي ڏيڻ ۽ هٿ توڙي در بند ڪرڻ جون انتهائي سزائون بھ ٻڌايون، وريام فقير جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي لکندڙ جماعت جي صحافين جا بھ ھٿ بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.

حر جماعت جا خليفا نئين پير پاڳاري جي چونڊ ڪندا آھن
ڪيترن ئي ماڻھن کي شايد ان ڳالھھ جي خبر نه ھجي ته حر جماعت جا اھي خليفا ئي آھن جيڪي اڪثريتي راءِ سان روحاني گاديءَ جي نئين پاڳاري جي چونڊ ڪندا آھن.
جنوري 2012 ۾ جڏھن روحاني گاديءَ جو ستون پير پاڳارو شاھ مردان شاھ لاڏاڻو ڪري ويو تھ درگاھھ جي روايت موجب سندس تدفين کان اڳ ئي جماعت جي 15 خليفن ڳجھي ووٽنگ ذريعي سندس فرزند ۽ ھاڻوڪي پير پاڳاري سيد صبغت اللھ شاھ عرف راجا سائين کي اٺين روحاني پيشوا طور گاديءَ جي مسند تي ويھارڻ جو فيصلو ڪيو.
اٺين پير پاڳاري جي چونڊ لاءِ شاھ مردان شاھ جي ٻين ٻن پٽن صدر الدين شاھ عرف يونس سائين ۽ علي گوھر شاھ جا نالا بھ غور ھيٺ آيا پر خليفن سيد صبغت اللھ شاھ جي حمايت ۾ فيصلو ڏنو.
حر جماعت انتظامي طور 15 چونڪين تي ٻڌل آهي، جن مان 12 سالم ۽ 3 فرق سلسلي جون آهن، سالم سلسلي جا مريد روحانيت ۽ فرق سلسلي جا مريد عسڪري معاملن سان تعلق رکن ٿا، فرق وارن مريدن جي جماعت اندر اٿڻي ويهڻي به ڌار هجي ٿي.
سمورين 15 چونڪين جا خليفا مقرر ٿيل آهن ۽ انتظامي معاملا سنڀالڻ لاءِ هنن جا نائب به مقرر ٿيل آهن، حر جماعت جو هڪ خليفو ڀارتي علائقي جيسلمير ۾ به مقرر ٿيل آهي.
پير پاڳاري اھم خليفي وريام خاصخيلي کي ڇو ھٽايو؟
وريام فقير خاصخيلي حر جماعت جو پراڻو خليفو ۽ سنجهورو جي صوبائي تڪ تان فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تان ايم پي اي به بڻجندو رهيو آهي، هو حرجماعت جي فرق واري چونڪي ورياماڻي سنگت جي مک يا خليفي واري عهدي تي وڏي عرصي کان فائز هو.

حر جماعت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وريام فقير تي جماعت جي مريدن سان زيادتين، ناانصافين ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ جا الزام هئا. پير پاڳاري وٽ اهي شڪايتون ۽ دانهون پهتيون هيون ته هن ڪيترن ئي مريدن کي هٿ بند ڪرڻ جون غلط سزائون ڏنيون ۽ اهڙين مبينا زيادتين خلاف ڪيترائي مريد ميڊيا جي سامهون به آيا هئا ۽ پير پاڳاري کي مداخلت جي اپيل ڪئي هئي.
حر جماعت جي ذريعن موجب سانگهڙ تعلقي جي مکي واري علائقي ۾ پير پاڳاري طرفان غريب هاري مريدن کي 16 سئو ايڪڙ زمين ڏني وئي هئي ۽ ان جو ذميوار اڳوڻي خليفي وريام فقير کي بڻايو ويو هو، وريام فقير تي الزام آهي ته هن اها زمين غريب هاري مريدن کان وٺي پنهنجي نالي ڪرائي ورتي هئي.
وريام فقير تي پير پاڳاري جي حڪمن جي ڀڃڪڙي جا الزام
حر جماعت جي ذريعن موجب خليفي وريام فقير جي ڀائيٽي ۽ يوسي جکڙائو جي چيئرمين بچل فقير خلاف اوڍ جي جوڻيجا برادري پير پاڳارو کي ڪجھھ شڪايتون ڪيون هيون ۽ پير پاڳاري سندس هٿ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

بچل فقير جا هٿ بند ڪرڻ واري سزا جو خط وريام فقير پاڻ جاري ڪيو هو، پر هٿ بند هجڻ باوجود وريام فقير عيد واري ڏينهن پير پاڳاري جي دعوت ۾ پنهنجي ڀائيٽي کي درگاھ تي وٺي ويو، جيڪا جماعت جي اصولن جي وڏي ڀڃڪڙي هئي.
عيد نماز کانپوءِ اوڍ جي جوڻيجن جي هڪ نياڻي ان بابت پير پاڳاري کي شڪايت به ڪئي، ذريعن موجب انهن سمورين شڪايتن کي نظر ۾ رکندي پير پاڳاري وريام فقير کي مک جي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي جهول جي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي کي ورياماڻي سنگت جو نئون مک مقرر ڪيو.
درگاھ اندر وريام فقير جي حامين جو احتجاج
حر جماعت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پير پاڳاري شڪايتن تي وريام فقير کي پهرين رڳو عهدي تان هٽايو هو، پر اهڙي فيصلي کانپوءِ جڏهن وريام فقير ۽ سندس حامين طرفان جماعتي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي درگاهه تي احتجاج ڪيو ويو ته پير پاڳارو کي سخت ڪاوڙ لڳي.
پير پاڳاري جي حڪم تي مظاھرين کي درگاھ مان ٻاھر ڪڍيو ويو. پير پاڳارو وريام فقير کي جماعت مان خارج ڪندي سندس هٿ ۽ در بند ڪرڻ جا سخت حڪم به جاري ڪيا.
ذريعن موجب درگاهه جي احاطي ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻهن جو مطالبو هو ته پير پاڳارو وريام فقير کي هٽائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري، پير پاڳاري پاران انڪار باوجود جڏهن وريام فقير جي حامين احتجاج جاري رکيو ته پوءِ کين درگاهه مان گهلي ٻاهر ڪڍيو ويو.
پير پاڳاري درگاهه واري احتجاج بعد وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪندي ورياماڻي سنگت جي مختلف علائقن ۽ برادرين لاءِ مقرر ڪيل 9 مک نائبن کي هٽائڻ جا حڪم بھ جاري ڪيا، جن ۾ سبحان علي هنڱورو، گلشير چاڪراڻي، علي غلام جوڻيجو، غلام مصطفيٰ ڀاڻوجو، محمد علي ڪارڙو، لياقت لغاري، محمد علي علياڻي، نواب چانگ ۽ علي شير چانگ شامل آهن، هنن کي حر جماعت مان خارج ڪري سندن هٿ ۽ در بند ڪيا ويا.
پير پاڳاري جي اڳوڻي خليفي وريام خاصخيلي تي ڪاوڙ جو اندازو ان ڳالھھ مان بھ لڳائي سگھجي ٿو تھ ھن فرق جماعت جي ڏيڍ سئو سال پراڻي ورياماڻي سنگت جو نالو ئي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. پير پاڳاري لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي چيو تھ ھاڻي ان چوڪي کي نئين خليفي فقير ھاشم خاصخيلي جي نالي سان سڏيو ويندو.
ورياماڻي سنگت جو نالو وريام خاصخيلي جي پڙڏاڏي وريام فقير رلي واري جي نالي تي رکيو ويو ھو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پوٽي ۽ صحافين جو به “ھٿ بند” ڪيو ويو
پير پاڳاري وريام فقير جي حامي ۽ پراڻي ساٿي ۽ فنڪشنل ليگ تعلقي سنجهورو جي صدر علي احمد عرف البيلو مڱريو کي به حرجماعت مان خارج ڪندي سندس هٿ ۽ در بند ڪري ڇڏيو.
وريام فقير جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پوٽي عرفان بلوچ ورياماڻي جو به هٿ بند ڪيو ويو، ساڳئي الزام هيٺ جماعت سان تعلق رکندڙ صحافين خدا ڏنو ڪاڇائي، جاويد ڪاڇائي ۽ ساحل مهر جا به هٿ بند ڪيا ويا.
ھٿ بند ۽ دربند سزائن جو ڇا مطلب آھي؟
حر جماعت جي اڳواڻن موجب هٿ بند ڪرڻ جو مطلب سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ در بند ڪرڻ جو مطلب درگاهه ۽ جماعت جا در بند ڪرڻ آهي، هٿ بند ڪيل شخص سان شادي غمي ۾ شرڪت سميت سمورا رابطا ختم ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته در بند ڪيل شخص لاءِ درگاهه توڙي جماعت جا در بند ڪيا وڃن ٿا، در بند ڪرڻ جو مطلب بھ جماعت مان نيڪالي ئي آهي.
پير پاڳاري درگاھ جي سموري فيصلا ڪميٽي بھ معطل ڪري ڇڏي
پير پاڳاري جولاءِ ۾ درگاھ جي فيصلا ڪميٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي ايم اين اي حاجي پير بخش جوڻيجو سميت ڪميٽي جي سمورن 15 ميمبرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
حر جماعت جي پيشوا ڪجھھ ڏينھن بعد درگاھھ جي نئين فيصلا ڪميٽي جوڙيندي فقير سعيد خان نظاماڻي کي نئون چيئرمين مقرر ڪيو، ڪميٽي جي 15 نون ميمبرز جي نالن جو اعلان بھ ڪيو ويو.
درگاھ جي نئين فيصلا ڪميٽي ۾ فقير منگھن مڱريو، مفتي نور نبي سڪندري، مفتي غلام شبير سڪندري، فقير خادم حسين آرادين، فقير غلام صديق، فقير امان اللھ شر، فقير غلام حسين عرف گلو وساڻ، فقير علي خان آريسر، فقير غلام حسين ڀنڀرو، فقير محمد ياسين ھنڱورو، فقير احمد ڪمال راڄڙ، حاجي ناظر حسين نظاماڻي، محمد حيات مڱريو، فقير عبدالله ڀيو ۽ فقير شھزاد عرف غني مڱريو کي ميمبر بڻايو ويو.

پير پاڳاري جو ايڪشن خليفن جو وڌي ويل اثررسوخ گھٽائڻ لاءِ ھو؟
سوال اهو آهي ته پير پاڳاري وريام فقير کانسواءِ ٻين خليفن پاران مقرر ڪيل سمورن نائبن کي به عهدن تان ڇو ھٽايو؟

حر جماعت جي ذريعن جو ان بابت چوڻ آهي ته جماعت جي 15 ئي خليفن پاران مقرر ڪيل سمورا نائب ڪيترن ئي سالن کان مقرر ٿيل هئا، درگاهه تي احتجاج واري واقعي کانپوءِ پير پاڳاري خليفن جي وڌي ويل اثررسوخ، لابنگ ۽ گروپنگ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو.
حر جماعت جا اڳواڻ پير پاڳاري پاران وريام فقير ۽ ٻين خلاف کنيل سخت قدمن جو دفاع ڪن ٿا، سندن چوڻ آھي تھ هٿ بند ۽ دربند جون سزائون اسلام جي انصاف وارن اصولن مطابق آهن، حر جماعت اندر ڪير ڪيتري به وڏي عهدي تي ڇو نه هجي ان کي عام مريدن کي تڪليف پهچائڻ يا جماعت جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت ڏئي نه ٿي سگهجي.