ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران اهم انتظامي تبديلي ڪندي پير محمد شاهہ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي آءِ جي ٽريفڪ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ مظهر نواز شيخ کان اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ پير محمد شاهه کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي عهدي تان هٽايو ويو هو ۽ عارضي طور تي اها ذميواري مظهر نواز شيخ حوالي ڪئي وئي هئي، هاڻي نئين حڪم تحت پير محمد شاهہ کي ٻيهر ساڳئي عهدي تي بحال ڪيو ويو آهي.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي تہ اڳوڻي فيصلي دوران کيس انتظامي نوعيت جي شڪايتن ۽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ بابت ڪجهہ معاملن جي بنياد تي عهدي تان هٽايو ويو هو
ڪجھ ڏينھن اڳ پيرمحمد شاھ کي عھدي تان ھٽائي اضافي چارج مظھر نواز شيخ حوالي ڪئي وئي ھئي، پير محمد شاھ مٿان واپاري جي اغوا ۾ ملوث ھجڻ جو الزام ھو …………