پيرجو ڳوٺ گھر مان مينهن چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڪوٽ دينل شاه ۾ ھٿياربندن گھر ۾ داخل ٿي مينھن ڪاھڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا
مزاحمت تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري گھر ڌڻي غلام نبي ناريجو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ فائرنگ ۾ راجا ناريجو زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي۔
پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي۔…..