آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ قدامت پسند تنظيم ’ٽرننگ پوائنٽ‘ جي شريڪ باني چارلي ڪرڪ کي گولي هڻي قتل ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
گذريل ڏينهن فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ) جي سربراهه ڪاش پٽيل ۽ ٻين سيڪيورٽي اختيارين سان گڏ هڪ پريس بريفنگ دوران يوٽا جي گورنر اسپينسر ڪوڪس اعلان ڪيو ته ”اسين هن (مبينا قاتل) کي پڪڙي ورتو آهي“
هن جو چوڻ هو ته 22 ورهين جو مبينا قاتل ٽائلر رابنسن جي خاندان جي هڪ شخص پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو ته ٽائلر ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ انهيءَ دوست شيرف جي آفيس سان رابطو ڪيو۔
ياد رهي ته اربع ڏينهن ’ٽرننگ پوائنٽ‘ جي شريڪ باني چارلي ڪرڪ کي يوٽا ۾ هڪ تقريب دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو۔

ھڪ سچو محب وطن مارجي ويو
چارلي ڪرڪ جي قتل جي تصديق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪئي هئي۔ صدر ٽرمپ چارلي ڪرڪ کي هڪ ”سچو محب وطن“ قرار ڏنو هو ۽ سندس قتل کي آمريڪا لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو ھو
چارلي ڪرڪ جي قتل جي جاچ جا تفصيل ٻڌائيندي يوٽا جي گورنر اسپينسر ڪوڪس چيو ته جاچ ادارن وڊيو فوٽيج ذريعي اهو معلوم ڪيو ته ٽائلر 10 سيپٽمبر تي مقامي وقت موجب 8:29 تي ڊاج چيليجر گاڏي ۾ واقعي واري هنڌ پهتو هو۔
آپگھات کي گرفتاري تي ترجيح ڏيندس
بي بي سي اردو پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي تہ قاتل کي سندس والد ايف بي آءِ طرفان جاري ڪيل تصويرن ذريعي سڃاتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابار پنهنجي والد آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ سندس والد کيس گرفتاري ڏيڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔
ذريعن موجب جوابدار پنهنجي والد کي چيو ته هو گرفتاري ڏيڻ بدران خودڪشي کي ترجيح ڏيندو، جنهن تي والد پنهنجي هڪ پادري دوست کي سڏ ڪيو ۽ ٻنهي جوابدار کي گرفتاري ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو۔
پادري، جيڪو ڪورٽ سيڪيورٽي آفيسر به آهي، پوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن کي اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ ٽائلر جي گرفتاري عمل ۾ آئي۔
ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل صحافين کي ٻڌايو ته واقعي جي جاءِ وڏي هئي، پر ان تي تيزي سان ڪارروائي ڪئي وئي ۽ فرانزڪ شاهديون گڏ ڪيون ويون۔
هن چيو ته ڪرڪ کي گولي لڳڻ کان 16 منٽن بعد وفاقي ايجنٽ واقعي واري هنڌ پهچي ويا هئا۔
ڪاش پٽيل 33 ڪلاڪ تائين قاتل جي پويان رهڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ملزم کي مقامي وقت مطابق رات 10 وڳي گرفتار ڪيو ويو۔
هن چيو ته ايف بي آءِ جا ايجنٽ هن واقعي سان لاڳاپيل 11 هزار ليڊز تي ڪم ڪري رهيا هئا۔
واشنگٽن سٽي پوليس جا ڪيترائي آفيسر ۽ واشنگٽن ڪائونٽي شيرف جو وڏو عملو اڃا تائين قاتل جي رهائشگاهه ٻاهران موجود آهي۔
گرفتاري عمل ۾ ڪيئن آئي؟

هي گرفتاري ايف بي آءِ طرفان شڪي شخص جي تصوير جاري ڪرڻ کان پوءِ عمل ۾ آئي هئي۔
اختيارين هڪ تصوير جاري ڪئي هئي جنهن ۾ سج جا چشما ۽ ڪاري قميص پاتل هڪ شخص نظر اچي رهيو هو، جنهن تي آمريڪي پرچم ۽ عقاب ٺهيل هو۔
ڪرڪ کي ڇت تان گولي هڻڻ کان پوءِ، مشتبہ شخص عمارت جي ڪنڊ کان هيٺ ڪري ڀڄي ويو۔
ڇت تان ٽپو ڏيڻ دوران ملزم هٿ جي تري جا نشان ڇڏيا، جتان فرانزڪ ماهرن ڊي اين اي جا نمونا حاصل ڪيا۔
عمارت مان لهڻ کان پوءِ، سي سي ٽي وي ۾ هن شخص کي ڏيکاريو ويو، جڏهن هو ٽرئفڪ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هڪ جھنگ مان گذريو، واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار بعد ۾ هٿ آيو۔
ايف بي آءِ ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل جو چوڻ هو ته هڪ ٻئي شڪي شخص کي ڪجهه وقت لاءِ پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو هو۔
آمريڪا جي پرڏيھي شھرين کي ويزا رد ڪرڻ جي ڌمڪي
چارلي ڪرڪ جي قتل واقعي بعد سوشل ميڊيا تي شروع ٿيل مھم روڪڻ لاءِ پرڏيھي شھرين جا ويزا رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني
آمريڪي پرڏيھي کاتي چارلي ڪرڪ جي قتل واقعي بعد سوشل ميڊيا تي شروع ٿيل مھم روڪڻ لاءِ پرڏيھي شھرين جا ويزا رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي.
آمريڪي پرڏيھي کاتي تجزيہ نگار چارلي ڪرڪ جي قتل جي حوالي سان پرڏيھي شھرين تي واضح ڪيو تہ تشدد ۽ نفرت جو پرچار ڪندڙ پرڏيھين جا ويزا رد ڪري سگھجن ٿا.
آمريڪي نائب پرڏيھي وزير ڪرس لينڊائو جو چوڻ آھي تہ پرڏيھي شھرين جي سوشل ميڊيا صفحن جي نگراني شروع ڪئي وئي آھي.
ڪرس لينڊائو چيو تہ کيس اھو ڏسي ڏک پھتو آھي تہ سوشل ميڊيا تي ڪجھ ماڻھو ان واقعي جي ساراھہ يا ان واقعي جي شدت کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ھن عملي کي چيو تہ ھو ان معاملي تي مناسب ڪارروائي ڪري.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنھنجي بيان ۾ نائب پرڏيھي وزير چيو تہ عوام کي اپيل آھي تہ پرڏيھي شھرين جا اھڙا تبصرا ڌيان ۾ آڻين تہ جئين پرڏيھي کاتو آمريڪي شھرين جو تحفظ ڪري سگھي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوست ۽ اسرائيل نواز ”چارلي ڪرڪ“ اوٽاھ ويلي يونيورسٽي ۾ 30 ھزار ماڻھن جي موجودگي ۾ فائرنگ سبب مارجي ويو ھو.
واقعي جي آمريڪي صدر ۽ اسرائيلي وزير اعظم مذمت ڪئي آھي، جڏھن تہ پوليس 33 ڪلاڪن بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن ڏوھہ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي.