لائیو پورو خطو يھودين لاءِ جھنم بڻائي ڇڏينداسين: ايران

فہرستِ مضامین

ايران آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو آھي تہ جيڪڏھن جنگ ۾ وڌيڪ شدت آئي تہ پورو خطرو يھودين لاءِ جھنم بڻائي ڇڏينداسين.

ايران جي خاتم الانبيا ءٌ سينٽرل ھيڊڪوارٽر جي ترجمان ابراھيم ذوالفقاري واضح لفظن ۾ خبردار ڪيو تہ وڌيڪ جارحيت جو جواب پوري خطي ۾ شديد ردعمل جي صورت ۾ ڏنو ويندو.

ترجمان جو چوڻ آھي تہ ايران کي شڪست ڏيڻ جو تصور ھاڻي ھڪ ڌٻڻ ۾ تبديل ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ مخالف پاڻ ڦاسي ويندا.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ٽرمپ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌمڪي ڏيندي چيو آھي تہ ايران وٽ 48 ڪلاڪ آھن، ھو ڪو معاھدو ڪري يا آبنائي ھرمز کولي، ٻئي صورت ۾ مٿس قيامت برپا ڪئي ويندي.

ياد رھي تہ آبنائي ھرمز عالمي واپار ۽ تيل جي پھچ لاءِ اھم گذرگاھ آھي جيڪو ايران تي حملن کانپوءِ بند آھي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں