ڄامشورو : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجو منفرد مقام ٺاهي چڪو آهي، پاڪستان پنهنجي خود مختياري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ هي بهترين ادارو آهي، نوجوانن جي ڪردار سازي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جو اهم ڪردار آهي، تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ترجيح آهي، نوجوان مستقبل آهن.
هن چيو تہ پاڪستان جي خدمت ڪرڻ اسان سڀني جي پهرين ترجيح آهي، ٽيلينٽ جي بهترين استعمال سان ئي ترقي ممڪن آهي.
سندس چوڻ هو تہ اسان جي هٿياربند فوج رات ڏينهن ملڪ جي حفاظت ڪري رھي آهي، پاڪ فوج ٻيهر ثابت ڪيو تہ اسان جون سرحدون محفوظ آهن.
ھن چيو تہ پاڪستان پنھنجي خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ دنيا ۾ ھڪ منفرد مقام حاصل ڪري چڪو آھي.
ڀات جي شڪست تي ڳالھائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ڀارت خلاف اسان جي فتح رڳو فوجي نہ پر اخلاقي بہ ھئي……