پنڻ جو پيشو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ روزگار فراھم ڪري رھيو آھي: خواجہ آصف

فہرستِ مضامین

دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو آھي تہ گداگري ھاڻ ھڪ منظم پيشو بڻجي چڪو آھي ۽ گداگري جو  ڪاروبار ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار فراھم ڪري رھيو آھي.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي خواجہ آصف چيو تہ پِنڻ لاءِ هاڻي باقاعدہ ٺيڪيدار موجود آهن، جيڪي ٻارن، عورتن ۽ جعلي معذورن کي ڀرتي ڪري ڪروڙن روپيا ڪمائي رھيا آهن.

هن چيو تہ ٺيڪيدار مافيا پنڻ وارن کي هزارين جي تعداد ۾ نار جَي ملڪن ڏانهن موڪلي رھيا آهن، جنهن سبب نار ملڪن ويزا بند ڪري ڇڏيا آهن.

خواجہ آصف جو چوڻ ھو تہ هي سڀ ڪم ايئرپورٽس تي مختلف کاتن جي اهلڪارن جي سهڪار سان ٿي رھيو آهي، سڀ پئسا ڪمائي رھيا آھن،  سيالڪوٽ ۾ ٺيڪيدار اڪثر ڪري هوٽلن ۾ رھي ڌنڌو ڪن ٿا، گهڻو ڪري اهي ڏکڻ پنجاب مان ايندا آهن.

دفاع واري وزير آخر ۾ چيو تہ هي ڪاروبار ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪري رھيو آهي ۽ ان سان گڏ ڪيترائي ٻيا ڌنڌا پڻ جُڙيل آھن..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں