پنگريو ويجھو پانڌيئڙن جي سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ سبب 4 ٻارڙا موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وڏي وزير مراد علي شاھه واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي ڊي سي بدين کي متاثر ڪٽنب سان رابطي جي ھدايت ڪئي آھي.
پنگريو شگر ملز وٽ سمن سرڪار جي پانڌيئڙن جي سوزوڪي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٽن ٻارڙين ۽ ھڪ ٻارڙي ٿڏي تي دم ڏنو.
فوتي ٻارڙن جي سڃاڻپ ماجد علي، سپنا، شڪريا ۽ شڪرانا طور ٿي آھي، جن جا لاش تعلقي اسپتال ٽنڊو باگو منتقل ڪيا ويا.
حادثي ۾ طفيل احمد رند، سھيل رند، محرم، نسيمان، مدثر، اقصيٰ، ماجد، عرفانه ۽ ٻيا شامل آھن، جن مان ڪجھه جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ھوڏانھن وڏي وزير مراد علي شاھ روڊ حادثي ۾ ٻارڙن جي فوتگي تي افسوس جو اظھار ڪندي زخمين کي بھتر طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
وڏي وزير ڊي سي بدين کي ھدايت ڪئي آھي تھ حادثي جي متاثر ڪٽنب سان رابطو ڪيو وڃي ۽ سندن ھر ممڪن مدد ڪئي وڃي.