پنڪي جي رابطي نيٽ ورڪ ۾ بيورو ڪريٽس، سفارتي ۽ بااثر شخصيتون بہ شامل ھئڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ڪراچي ۾ منشيات ڪيسن ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي جي مبينہ رابطي نيٽ ۾ بيورو ڪريٽس ۽ سفارتي ۽ بااثر شخصيتن جا نمبرز سامھون اچي ويا.

تفصيلن موجب پاڪستان ۾ مبينہ طور تي ليڪ ٿيندڙ ھڪ حساس تحقيقاتي رپورٽ نہ صرف سوشل ميڊيا پر سرڪاري، سفارتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ حلقن ۾ بہ ڳڻتي جي نئين لھر پيدا ڪري ڇڏي آھي.

دستياب ڊيٽا ۽ اسپريڊ شيٽ جي ابتدائي جائزي مان ظاھر ٿئي ٿو تہ اھا صرف ڪجھ فون نمبرز جي فھرست نہ پر ھڪ وسيع رابطا نيٽ ورڪ جو خاڪو لڳي ٿو، جنھن ۾ مختلف شھرن، شعبن ۽ بااثر حلقن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جا رابطا شامل نظر اچن ٿا.

ٻئي طرف پنڪي ڪيس ۾ ڪراچي پوليس مني لانڊرنگ ۽ سائبر ڪرائمز جي تحقيقات لاءِ ايف آءِ اي کان مدد گھري ورتي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں