پنو عاقل ويجھو ڦر دوران مزاحمت تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن ڳوٺاڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي بعد چئنن مبينا ڏوھارين کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. مارجي ويل مبينا ڏوھارين جي وارثن پوليس جي مقابلي واري دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏنو آھي.
ايس ايس پي سکر اظھر مغل موجب پنو عاقل ويجھو مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان ھٿياربند ڦورن موٽرسائيڪل ڦر ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ٽن ڳوٺاڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ھو. مقتولن جي سڃاڻپ حفيظ مھر، نثار مھر ۽ احمد علي مھر طور ٿي، پوليس موجب نثار ۽ احمد علي مھر موقعي تي مارجي ويا ھئا، ٽئين نوجوان حفيظ مھر کي سکر منتقل ڪيو ويو، جتي ھن دم ڏئي ڇڏيو.
ڏوهارين جو پتو لڳائڻ لاءِ ڊرون ڪيمرا استعمال
مارجي ويل ٽنھي نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ئي ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ھو، جيڪي اوندھ جو فائدو وٺندي ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويا ھئا.
ايس ايس پي سکر اظھر مغل جو چوڻ آھي تھ ڊرون ڪيمرائن جي مدد سان ڪمند جي فصل ۾ لڪي ويل مبينا ڏوھارين جو پتو لڳايو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 ئي ڏوھاري مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ ٻيڙو مھر، يقين مھر، الھورايو مھر ۽ عاشق شيخ طور ٿي آھي، جيڪي ٽن نوجوانن کي ڦر مزاحمت تي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آھي، سندن ڪرمنل رمانڊ بھ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آھي تھ مقتولن جا لاش پنو عاقل جي تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سندن عورت وارثن حوالي ڪيا ويا.
ڦورو ڄاڻائي ماريل نوجوان گهران هٿين خالي نڪتا هئا
مارجي ويل مبينا ڦورن جي وارثن لاش وصول ڪرڻ وقت ڳالھائيندي پوليس جي مقابلي واري دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏنو. عورت ھنجون وارثن ھنجون ھاريندي ٻڌايو تھ مارجي ويلن ۾ 2 سئوٽ ۽ ھڪ سندن ماروٽ شامل آھن، جيڪي گھران ھٿين خالي نڪتا ھئا، جيڪڏھن انھن ڪو ڏوھ ڪيو آھي تھ ان جي خدا کي خبر آھي باقي اھي گھران ڪو بھ ھٿيار کڻي نھ نڪتا ھئا. مبينا ڏوھارين کي مارڻ واري واقعي کانپوءِ ايس ايس پي سکر اظھر مغل جي ھڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رھي آھي، جنھن ۾ ھو مارجي ويل مبينا ڏوھارين جي لاشن مٿان نعرا ھڻندي نظر اچي رھيو آھي، جڏھن تھ ھڪ ٻي وڊيو ۾ شھري ايس ايس پي سکر کي گلن جا ھار پارائيندي بھ نظر اچي رھيا آھن.