پنجند وٽان پاڻي وھڪرا گھٽجي ويا، سنڌو درياھہ جي بئراجز تي پاڻي جي تازي صورتحال
پنجند وٽ پاڻي وھڪرا 5 لک 90 ھزار 382 ڪيوسڪ تائين پھتا، سنڌ جي اطلاعات کاتي درياھن ۽ بئراجن ۾ پاڻي وھڪرن جي تازي صورتحال جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
گڊو بئراج تي ھن وقت ان فلو 544,658 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 514,051 ڪيوسڪ آهي، سکر بئراج تي ان فلو 470,580 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 422,400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
اطلاعات کاتي موجب ڪوٽڙي بئراج تي ان فلو 262,509 ڪيوسڪ جڏهن ته آئوٽ فلو 254,354 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
پنجند وٽان پاڻي وھڪرا گھٽجڻ کانپوءِ سنڌو درياھہ ۾ بہ چاڙھہ وارو سلسلو گھٽجي ويو آھي.
پنجاب ۾ وڌيڪ 100 ڳوٺ ٻڏ ويا
پنجاب ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي، بھاولپور جا 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن.
لوڌران ۾ 2 حفاظتي بند ٽٽڻ سبب پاڻي آبادي ۾ داخل ٿي ويو، ڊرون جي مدد سان پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ريسڪيو ڪيو ويو.
رليف ڪمشنر پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب پنجاب ۾ ٻوڏ سبب 97 ماڻھو فوت ۽ 4500 ڳوٺ متاثر ٿيا آھن.
رليف ڪمشنر موجب چناب درياھ ۾ ٻوڏ سبب 2 ھزار 334 ڳوٺ ٻڏي ويا، جڏھن تہ ستلج ۾ ٻوڏ سبب 672 پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن.
رليف ڪمشنر جو چوڻ ھو تہ راوي درياھہ ۾ ٻوڏ سبب ھڪ ھزار 482 ڳوٺ متاثر ٿيا آھن، جتي رليف ڪيمپس لڳايون ويون آھن.
ھن چيو تہ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جو انگ 44 ھزار 98 ھزار ٿي ويو آھي، جڏھن تہ 24 لک 51 ھزار ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي.