پنجاب ۾ ٻوڏ سبب صورتحال سنگين ٿي وئي آهي، تريمون ھيڊ ورڪس وٽ 9 لک ۽ ملتان کان اڄ 8 لک ڪيوسڪس جا وھڪرا گذرندا، ڊي جي پي ڊي ايم اي پنجاب عرفان علي ڪاٺيا چيو آھي ته تريمون ھيڊ ورڪس وٽ اڄ 9 لک ڪيوسڪ پاڻي پھچندو، خطري واري صورتحال پيدا ٿي ته سڌنائي وٽ ڪٽ ھڻنداسين، ڊي جي پي ڊي اي موجب ھيڊ محمد والا وٽ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي پھچندو، ضرورت پوڻ تي ھيڊ محمد والا کي به ڪٽ ھڻي سگھجي ٿو.
فلڊ فار ڪاسٽنگ ڊويزن موجب ھيڊ اسلام، جسڙ، شاھدرا وٽ وچولي، سڌنائي ۽ بلوڪي وٽ وڏي ٻوڏ آھي، ھيڊ مراله وٽ پاڻي جي صورتحال معمول مطابق آھن، خانڪي وٽ وڏي ٻوڏ آھي، خانڪي وٽ پاڻي جو ھيٺانھون وھڪرو ھڪ لک 76 ھزار 900 ڪيوسڪ آھن.
ڊي جي پي ڊي ايم اي پنجاب موجب ڀارت سلال ڊيم مان پاڻي ڇڏڻ بابت آفيشل معلومات ناھي ڏني، سلال ڊيم ھيڊ مرالا کان 78 ڪلوميٽر پري آھي، في الحال تصديق نه ٿا ڪري سگھن ته هيڊ مرالا وٽ ڪيترو پاڻي ايندو، فلڊ فار ڪاسٽنگ ڊويزن موجب گنڊا سنگھه والا وٽ پاڻي جا ھيٺانھان وھڪرا 2 لک 53 ھزار ڪيوسڪ آھي، جڏھن ته سليانڪي وٽ وڏي ٻوڏ آھي ۽ پاڻي جو وھڪرو ھڪ لک 34 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آھي.
ريسڪيو آپريشن ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال
پنجاب ۾ ريسڪيو آپريشن دوران ٻوڏ متاثرن جي نشاندھي لاءِ ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ڏورانھن علائقن ۾ ٿرمل اميجنگ ڊرون ذريعي ٻوڏ متاثرن جي نشاندھي ڪئي پئي وڃي، ريسڪيو آپريشن دوران ڪيترن ئي ماڻھن ۽ جانورن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو، سيمي پل جھنگ ۽ سرگوڌا روڊ تي ڊرون جي مدد سان ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو.
برسات سبب نالا اٿلي پيا، پاڻي گھرن ۾داخل
مانسھرا ۽ ڀرپاسي ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات سبب نالا اٿلي پيا، جنھن سبب 3 گاڏيون لڙھي ويون، جڏھن تھ پاڻي گھرن ۾ بھ داخل ٿي ويو، ھڪ مدرسو بھ برساتي پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويو، ريسڪيو اھلڪارن پھچي کٿابين کي بچائي ورتو، انتظاميھ جو چوڻ آھي تھ اڳ ئي ٻوڏ واري صورتحال ھئي، ويتر برسات متاثرن جا اھنج وڌائي ڇڏيا آھن.
نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 3 سيپٽمبر تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي، اين ڊي ايم اي موجب مري، راولپنڊي، جھلم، اٽڪ، منڊي بھاءُ الدين ۾ برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي، جڏھن ته لاھور، چنيوٽ، سيالڪوٽ، نارو وال، شيخوپورا ۽ حافظ آباد ۾ به ڪڪر وسي سگھن ٿا، اين ڊي ايم اي طرفان ساھيوال، ملتان، بھاولنگر ۽ رحيم يار خان ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي.