پنجاب ۾ ٻوڏ بعد سنڌو درياھ ۾ چاڙھ، پنجند وٽ وھڪرا 4 لک ڪيوسڪس کان وڌي ويا

فہرستِ مضامین

پنجاب ۾ ٻوڏ بعد سنڌو درياھ ۾ چاڙھ جو سلسلو جاري آھي، پراوينشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل پاڻي صورتحال بابت نوان انگ اکر جاري ڪيا آھن.

سنڌ جي اطلاعات کاتي موجب تريمون بئراج وٽ وھڪرا  5 لک 26 ھزار 385 ڪيوسڪس تائين پھچي ويا، جڏھن تہ پنجند وٽ پاڻي وھڪرا 4 لک 89 ھزار 330 ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيا آھن.

اطلاعات کاتي موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 24 ھزار ڪيوسڪس ۽ ڇوڙ 2 لک 80 ھزار 50 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪئي وئي آھي.

ترجمان موجب سکر بئراج وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 24 ھزار ڪيوسڪس ۽ ڇوڙ 2 لک 80 ھزار 50 ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيا. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 44 ھزار 283 ۽ ڇوڙ 2 لک 31 ھزار 763 ڪيوسڪس آھي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں