پنجاب ۾ آيل درياھي ٻوڏ تباھھ مچائي ڇڏي، ھزارين ماڻھو بي گھر ۽ 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي، پي ڊي ايم اي پنجاب جو چوڻ آھي تھ راوي درياھھ ۾ جسڙ وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، جڏھن تھ شاھدرھ وٽ وڏي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي.
ترجمان موجب راوي درياھھ ۾ ھيڊ ورڪس وٽ بھ وڏي ٻوڏ آھي، جڏھن تھ چناب ۾ مرالا وٽ ھيٺانھين ۽ خانڪي وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، پي ڊي ايم اي موجب چناب درياھھ ۾ قادرآباد وٽ وڏي ٻوڏ آھي، جڏھن تھ ھيڊ تريمو وٽ پاڻي جي وھڪرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي، پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ستلج درياھھ ۾ گنڊا سنگھھ والا وٽ انتھائي خطرناڪ وڏي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آھي، ٻئي پاسي پنجاب ايمرجنسي سروس ريسڪيو 1122 سيالڪوٽ ضلعي ۾ ٻوڏ سبب 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آھي، ريسڪيو سروس موجب ھن وقت تائين 11 ڄڻن جا لاش ڪڍي ويا آھن، ٻن ڄڻن جي ڳولا جاري آھي.
ملڪ ۾ برسات جي اڳڪٿي
موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آھي، موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، راولپنڊي، ملتان، راجنپور، ليھ ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آھي.
موسميات کاتي موجب اڄ خيبرپختونخواھھ جي مختلف علائقن ۾ بھ ڪڪر وسي سگھن ٿا، جڏھن تھ مالاڪنڊ ۽ ھنزھ ڊويزن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آھي، آزاد ڪشمير جي علائقي باغ، ڪوٽلي، ميرپور، ڀمبر ۽ ٻين علائقن ۾ بھ گجگوڙ سان گڏ برسات وسي سگھي ٿي، اين ڊي ايم اي موجب ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ 30 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين برساتن جو امڪان آھي.
ڪرتارپور مان پاڻي نيڪال
ڪرتارپور ۾ گردواري ۾ داخل ٿيل درياھ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي، انتظاميھ جو چوڻ آھي تھ گردواري جي مختلف ھنڌن کي ڪليئر ڪيو ويو آھي، پارڪنگ اسٽينڊ، بازار ۽ لنگرخاني مان بھ پاڻي نيڪال ٿي چڪو آھي، گذريل ڏينھن راوي درياھھ جو پاڻي ڪرتارپور گردواري ۾ بھ درياھي جو پاڻي داخل ٿي ويو ھو.
سنڌو درياھھ ۾ وڏي ٻوڏ جو خدشو
ڊپٽي ڪمشنر راجنپور شفقت اللھ مشتاق جو چوڻ آھي تھ سنڌو درياھھ ۾ بھ وڏي ٻوڏ جو خدشو آھي، جنھن سبب ھيٺانھين وارن علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي جاري آھي، سنڌو درياھھ ڀرسان فلڊ رليف ڪيمپون بھ قائم ڪوين ويون آھن، ھن چيو تھ صحت، لائيو اسٽاڪ ۽ ريسڪيو ٽيمون بھ سرگرم ٿي ويون آھن، ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اھلڪار بھ ريسڪو جي ڪم ۾ حصو وٺي رھيا آھن.
ملتان ۾ ڪھڙي صورتحال آھي؟
پنجاب جي ٽنھي درياھن ۾ چاڙھھ بعد ملتان ۾ بھ ڪجھھ ڪلاڪن دوران ٻوڏ جو وھڪرو داخل ٿيڻ جو خدشو آھي، انتظاميھ جو چوڻ آھي، شھري آبادي کي بچائڻ لاءِ ھيڊ محمد والا وٽ بريچ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ ٻوڏ متاثر علائقن۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري آھي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز بھ گذريل ڏينھن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ھو.