پنجاب ۾ تباھي مچائيندڙ ٻوڏ ٻن ڏينھن اندر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان، 16 لک ماڻھو متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

سنڌ حڪومت جون نظرون ھن وقت پنجند تي کتل آھن، جتان پنجاب جي سمورن درياھن جو پاڻي گڏ ٿي سنڌو درياھ ۾ داخل ٿئي ٿو، سنڌ جي صوبائي وزيرن خدشو ظاھر ڪيو آھي ته  امڪاني ٻوڏ سبب 1657 ڳوٺ، 167 يوسيز  ٻڏڻ ۽ 16 لک ماڻھو متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي.

اين ڊي ايم اي گذريل ڏينھن سنڌ لاءِ الرٽ جاري ڪندي چيو ھو ته سنڌو درياھھ ۾ بھ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آھي.

اين ڊي ايم اي موجب موجب  3 کان چار سيپٽمبر تائين 4 لک کان ساڍا 9 لک ڪيوسڪس جو وھڪرو پنجند ھيڊ ورڪس مان گذرندو، جڏھن ته 5 کان 6 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج وٽ وھڪرا 8 کان 11 لک ڪيوسڪس تائين پھچي سگھن ٿا.

سنڌ حڪومت جون نظرون پنجند تي کتل

سنڌ حڪومت جون نظرون ھن وقت پنجند تي کتل آھن، جتي پنجاب کان ايندڙ راوي، چناب ۽ ستلج درياهه جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ شامل ٿيندو آھي، سنڌ جي آبپاشي واري ڄام خان شورو چيو آهي ته پنجاب ۾ پاڻي جو رخ موڙڻ سبب وھڪرا ڪجهه گھٽ ٿيا آھن، ٻوڏ جا وھڪرا رات تائين تريمو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي پنجند تائين پھچي سگھي ٿو.

امڪاني ٻوڏ سبب 16 لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو خدشو اڃا موجود آهي، سندس چوڻ ھو ته امڪاني ٻوڏ سبب 16 لک ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، سندس چوڻ ھو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جا وھڪرا 2 کان 3 سيپٽمبر تائين  داخل ٿي سگھن ٿا، سنڌ حڪومت صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻي رھي آھي، مختلف ھنڌن تي متاثرن جي رھائش لاءِ ڪيمپون قائم ڪرڻ جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ به سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن، سنڌ حڪومت جي صورتحال تي نظر آھي.

گھوٽڪي ۾ ھڪ لک ماڻھو متاثر ٿيڻ جو خدشو

سنڌ جي صوبائي وزير ۽ ٻوڏ بابت فوڪل پرسن محمد بخش مهر چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه ۾ 7 لک ڪيوسڪس پاڻي آيو ته گھوٽڪي ضلعي ۾ 7 لک ماڻھو متاثر ٿي سگھن ٿا، گھوٽڪي ضلعي ۾ 149 ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آھي، گھوٽڪي تعلقي ۾60 هزار ۽ اوٻاوڙي ۾ 55 ھزار ماڻھو متاثر ٿي سگھن ٿا.

ڀارت طرفان پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب ٻوڏ

صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ سبب پنجاب ۾ چناب، ستلج، راوي ۽ ٻين درياھن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جا اثر سنڌ تي بھ پئجي سگھن ٿا، ڪجھھ ڏينھن ۾ اھو پاڻي گڊو بئراج وٽ پھچي سگھي ٿو، پر سنڌ حڪومت جي تياري مڪمل آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں