سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تہ 8 سيپٽمبر تي گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو وھڪرو چوٽ چڙھيل ھوندو، درياھ ۾ پاڻي گھٽجي رھيو آھي پر اسان کي 9 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ جي تياري ڪرڻي آھي.
اھڙو اظھار ھن ٻوڏ جي صورتحال بابت اجلاس کي خطاب دوران ڪيو، وڏي وزير چيو تہ ٻوڏ جي لاءِ تياري، رليف ڪيمپس قائم ڪرڻ ۽ ماڻھو ٻاھر ڪڍڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تھ سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻيءَ جي سطح وڌي رھي آھي، اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاھھ، محمد علي ملڪاڻي، ڄام اڪرام اللھ ڌاريجو، مخدوم محبوب الزمان، سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
آبپاشي وزير ڄام خان شورو، زراعت واري وزير محمد بخش مھر، مڪيش ڪمار چاولا، رياض شاھھ شيرازي، ڪمشنرز ۽ ڊي آءِ جيز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
ڄام خان شورو ٻڌايو تھ تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح گھٽ ٿي رھي آھي، گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 59 ھزار 570 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 3 لک 77 ھزار 481 ڪيوسڪ آھي.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ڪي ڪي بند ۽ قادرپور شينڪ بند جي مضبوطي جو ڪم تيزي سان جاري آھي.
امدادي ڪمن جي حوالي سان بحالي بابت صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاھھ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.