ڪراچي: پنجاب مان ٽن درياھن جا ٻوڏ وارا وھڪرا 6 سيپٽمبر جي منجھند تائين گڊو بيراج وٽ پھچي ويندا، گڊو وٽان سنڌ ۾ ساڍا 6 لک کان 7 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي پھچڻ جو امڪان آھي.
اھڙو اظھار اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر درياهن ۾ ٻوڏ جي وهڪرن بابت جاري ڪيل پنھنجي تفصيلي رپورٽ ۾ ڪيو آھي.
اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته پھرين سيپٽمبر تي چناب درياھه مان تريمون جي هنڌ تان 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ جو وھڪرو گذري چڪو آهي، جيڪو هاڻي پنجند طرف وڌي رھيو آھي.
ادارن جي بروقت قدمن ۽ بهترين منصوبابندي جي نتيجي ۾ چناب جو 8 لک 85 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو 2 هنڌن تي بند ٽوڙڻ کانپوءِ گھٽ ٿي 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين محدود ٿي ويو، جيڪو آسانيءَ سان هيڊ تريمون مان گذري چڪو آهي.
رپورٽ موجب جيئن ته پنجند هيڊ ورڪس مان صرف 6 لک 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش موجود آهي، تنھن ڪري ٻئي ڪنهن به هنڌ بند ٽوڙڻ جي ضرورت پيش نه ايندي.
هي ٻوڏ جو وھڪرو امڪاني طور 3 سيپٽمبر تي پنجند وٽ 5 لک 70 هزار کان 6 لک ڪيوسڪ جي وهڪري سان گڏ ٿيندو.
5 سيپٽمبر جي صبح جو هن درياھي وھڪري ۾ درياهه ستلج مان 80 هزار کان 1 لک ڪيوسڪ جو وھڪرو پنجند جي مقام تي شامل ٿيندو.
رپورٽ موجب ٽنهي درياهن مان وھڪرن جي اچڻ کانپوءِ پنجند جي مقام تي گڏيل طور 6 لک 50 هزار کان 7 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي جا وھڪرا گڏ ٿيندا، پنجند کان اھي وھڪرا 6 سيپٽمبر جي منجهند تائين گدو بئراج تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب ڪوٽ مٺڻ واري هنڌ تان ٻوڏ جي وھڪرن ۾ سنڌو درياھه جو وهڪرو به شامل ٿي ويندو.
رپورٽ موجب منصوبابندي کانپوءِ سنڌو درياھه جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪندي تونسا واري ھنڌ 2 لک ڪيوسڪ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان رٿابندي تحت گڏيل ٻوڏ وارو وھڪرو گدو هيڊ ورڪس تائين پھچندي 6 لک 50 هزار کان 7 لک ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو.
هي ٻوڏ وارو وھڪرو سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج مان گذرندي 12 کان 13 سيپٽمبر تائين سمنڊ ڏانھن ويندو.اين ڊي ايم اي پاران درياهن جي ڪنارن ۽ پاڻيءَ جي گذرگاهن تي رهندڙ ماڻهن کي فوري طور محفوظ هنڌن ڏانھن منتقل ٿيڻ لاءِ چيو ويو آھي.
سيوهڻ جو ڪچو ٻڏي ويو
سنڌو درياھه ۾ پاڻي ۾ مسلسل چاڙھه سبب سيوھڻ تعلقي ۾ ڪچي جي ٽن يونين ڪائونسل ۾ پاڻي چاڙھه وڌي ويو، سئو کان وڌيڪ ڳوٺ درياھي پاڻي ھيٺ اچي ويا، رھواسي پنھنجي مدد پاڻ تحت محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن.
ضلعي انتطاميه ڪچي جي رھواسين کي پڪي طرف منتقل ٿيڻ لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ھيون پر ان باوجود رھواسي محفوظ ھنڌن تي منتقل ناھن ٿي سگھيا.
ڳوٺ بلاولپور، دريدرو، جھنڊياڻي ۽ نئون واھڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ رھواسي ڦاٿل آھن، سندن دعويٰ آھي ته حڪومت سندن محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي لاءِ ھڪ به ٻيڙي ناھي موڪلي، ھو پنھنجي مدد پاڻ تحت پڪي ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن.
ايريگيشن ايگزيڪٽوِ انجنيئر عديل احمد سومري موجب سيوھڻ تعلقي ۾ 3 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪراس ڪري رھيو آھي، سنڌو درياھھ ۾ تيزي سان چاڙھه سبب ڪچي جي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي سگھي ٿو.