پنجاب لاءِ ’شھباز اسپيڊ‘ ۽ ڪراچي لاءِ ’شھباز سلو‘: بلاول ڀٽو جي وزيراعظم تي دلچسپ چٿر

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ وزيراعظم پنجاب ۾ تھ “شھباز اسپيڊ” بڻجي وڃي ٿو پر ڪراچي ۾ “شھباز سلو”، ائين تھ نھ ٿو ٿي سگھي تھ توھان پنجاب لاءِ شھباز اسپيڊ ۽ ڪراچي لاءِ شھباز سلو بڻجي وڃو.

اھڙو اظھار ھن نيو حب ڪينال جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ ڪي فور منصوبي تي وزيراعظم شھباز شريف مان اسان وڏيون اميدون رکيون ھيون.

بلاول ڀٽو چيو تھ ڪراچي کي روزانو 100 ملين گيلن پاڻي ڏيڻ جي قابل ٿي ويا آھيون، جنھن جو سڌو فائدو سينٽرل، ايسٽ ۽ ڪياماڙي ضلعن کي پهچندو، منصوبي مان لياري کي فائدو پھچائڻ لاءِ بھ پي سي ون تيار ڪئي وئي آھي.

وزيراعظم ڪي فور منصوبن بابت پنھنجا وعدا پورا ڪري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي حب ڪينال منصوبي لاءِ ھڪ سئو ملين گيلن اضافي پاڻيءَ جي منظوري ڏيڻ جي درخواست ڪئي ۽ ڪي فور منصوبن بابت ڪيل وعدا جلد پورا ڪرڻ جو مطالبو بھ ڪيو.

بلاول ڀٽو چيو تھ جيڪڏھن شھباز شريف اضافي پاڻي جي منظوري ڏياري ٿو تھ ايندڙ سال تائين اسان ڪراچي کي وڌيڪ ھڪ سئو ملين گيلن پاڻي جو منصوبو مڪمل ڪرڻ جي بھ قابل ٿي وينداسين.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو تھ پاڻي ڪراچي واسين جو دائمي مسئلو آهي، جيڪو حل ڪرڻ ضروري آهي، پراڻي حب ڪينال جي مرمت ۽ ٻي ٺاھ ٺوھ جو ڪم جاري آھي.

بلاول ڀٽو چيو تھ سنڌ حڪومت ۽ بلدياتي حڪومتن جي گڏجي ڪم ڪرڻ سان عوام جو فائدو ٿي رھيو آھي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سمنڊ جي کاري پاڻي کي مٺو بڻائڻ جو منصوبو ٺاھي رھيا آھيون.

ڪي ايم سي ھاڻي نفرت پکيڙڻ بدران ترقي تي ڌيان پئي ڏئي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو تھ ڪي ايم سي ھاڻي نفرت پکيڙڻ بدران شھر جي ترقيءَ تي ڌيان ڏئي رھي آھي، نفرت پکيڙيندڙ سياستدانن جو ھڪ ئي طريقيڪار آھي، عام چونڊن ۾ اسان اھڙن ماڻھن کي شڪست ڏني آھي.

بلاول ڀٽو چيو تھ اميد آھي تھ ايندڙ چونڊن ۾ بھ نفرتون پکيڙيندڙن کي نھ پر ڪم ڪندڙن کي ووٽ ملندا.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو تھ پاڪستان ڀارت کي رڳو جنگ جي ميدان ۾ نھ پر سفارتي سطح تي بھ شڪست جي ور چاڙھيو، ڀارت پنھنجي شڪست تي شرمندو آھي ۽ وڌيڪ بزدلاڻين ڪارروائين تي ڌيان ڏئي رھيو آھي.

بلاول چيو تھ ھو قومپرستن ۽ دھشتگردن جا سھولتڪار بڻيل آھن، ڀارت بندش پيل بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي فنڊنگ ڪري رھيو آھي تھ جيئن اھي دھشتگرد معصوم معصومن جو رت وھائي سگھن.

ڀارت پاڻي معاھدو تسليم نه ڪيو ته 6 ئي درياھ کسي وٺنداسين

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو تھ ڀارت اسرائيلي وزيراعظم جي نقل ڪندي ھڪ اعلان ڪيو، ھو پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ چاھين ٿا، سنڌو تي تاريخي حملو ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو چيو تھ مودي سرڪار سنڌ طاس معاھدي کي ٽوڙيندي درياھن تي ڊيم ۽ نوان ڪينال ٺاھڻ چاھي ٿي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو تھ اسان سڄي دنيا، ڀارت ۽ مودي سرڪار کي پيغام ڏيڻ چاھيون ٿا تھ اسان ھنن جو پھرين سفارتي سطح تي مقابلو ڪنداسين، مجبور ڪيو ويو تھ جنگ جي ميدان ۾ بھ مقابلو ڪنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ اسان ڀارت کي مجبور ڪنداسين تھ ھو عالمي قانون مطابق سنڌ طاس معاھدي کي تسليم ڪري، نھ تھ اھي ئي ڪراچي وارا 6 ئي درياھ ڦري پنھنجي عوام تائين پھچائيندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں