پنجاب سرڪار جو نشانو وزيراعظم آھي، وفاق خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين: شرجيل انعام ميمڻ

فہرستِ مضامین

سينيئرصوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تہ پنجاب سرڪار اسان جي اوٽ ۾ وزيراعظم کي نشانو بڻائي رھي آھي اھا سازش ڪامياب نہ ٿيندي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ پنجاب حڪومت نشانو پيپلز پارٽي کي بڻائي رھي آھي پر انھن جو اصل ھدف وفاق آھي، اھڙو ماحول ٺاھيو پيو وڃي جيئن اسان وزيراعظم جي حمايت تان ھٿ کڻي وڃون.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ جيڪڏھن انھن جو جھيڙو وفاق سان آھي مھرباني ڪري ان ۾ پيپلز پارٽي کي نہ ڇڪيو وڃي، پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کي سپورٽ نہ ٿي ڪري پر وفاق خلاف ٿيندڙ ڪا بہ سازش ڪامياب ٿيڻ بہ نھ ڏيندي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ وزيراعظم عالمي سياسي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، جڏھن سنڌ ۽ بلوچستان ويندو آھي تہ کيس وڏي وزير ڀرپور پروٽوڪول ڏيندو آھي پر جيڪڏھن پنجاب ويندو آھي تہ اتي کيس وزيراعليٰ يا اسٽاف جو ڪو بہ ماڻھو آجيان لاءِ بيٺل ناھي ھوندو.

شرجيل ميمڻ چيو تہ ھي ڪنھن جي جاگير ناھي جو چوي تہ منھنجو پاڻي منھنجي مرضي، منھنجو پيسو منھنجي مرضي، اسان بہ ائين چئي سگھون ٿا اسان جو تيل اسان جي مرضي، اسان جي بندرگاھ اسان جي مرضي، اسان جي گيس اسان جي مرضي، پر ائين نہ چونداسين، اھڙن بيانن کي ڪفر ٿا سمجھون.

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آھي تہ ٻوڏ جي صورتحال تي صوبائيت ۽ نفرت جو ڪارڊ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آھي، پنجاب حڪومت سنڌين جي تذليل ڪندڙ اينڪر جي حمايت ۾ مھم ھلائي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي.

شرجيل انعام ميمڻ پاران پنجاب ۾ فوري طور مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شرجيل ميمڻ چيو تہ ڪارڪردگي جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آھي، شوق اٿئو تہ سيٽ ڇڏيان ٿو اچو اليڪشن وڙھو، بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ٻوڏ متاثرن علائقن جو دورو ڪيو، ٻوڏ سبب پنجاب جي صورتحال خراب ٿي تہ سنڌ پنجاب سان ھمدردي جو اظھار ڪيو، پيپلز پارٽي وفاق کي درخواست ڪئي تہ وڏو نقصان ٿيو آھي، عالمي امداد جي اپيل ڪئي  وڃي.

ھن چيو تہ  ڏکڻ پنجاب ۾ ماڻھو اڄ امداد لاءِ ترسي رھيا آھن انھن جا گھر ۽ فصلون تباھ ٿي ويا آھن جيڪو ٻيھر ٺاھڻ ۾ وقت لڳندو، اسان ڏکي ويل ۾ سياست نہ ڪري رھيا آھيون پر سياست اھي ڪري رھيا آھن جيڪي ڪم گھٽ ۽ ٽڪ ٽاڪ وڌيڪ فوڪس ڪن ۽ بسڪوٽن جي دٻي ۽ اٽي جي ٿيلھن تي ڦوٽو لڳرائي رھيا آھن.

سينئر صوبائي وزير چيو ته اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته توھان جون آڱريون ڀڃي ڇڏينداسين، اسان آمرن خلاف وڙهيو، ڇا اسان اوھان کان ڊڄنداسين، اسان جي قيادت ڪڏهن به ڪو معاهدو نه ڪيو ۽ اوھان جي قيادت ملڪ ڇڏي ڀڄي وئي، اسان ئي آهيون جيڪي پاڪستان کپي جو نعرو بلند ڪرڻ وارا آهيون.

هن چيو ته توھان جون تقريرون ۽ کوکلا دعوائون اصل مسئلن تان ڌيان هٽائي نه ٿيون سگهن ۽ هر وقت ڪم نه ڪنديون.

شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ مريم نواز جون تقريرون ۽ کوکليون دعوائون اصل مسئلن تان ڌيان نہ ٿيون ھٽائي سگھن، مريم نواز پنھنجي تقرير لکندڙ کي شپ اپ ڪال ڏئي، هي اهو ئي اسڪرپٽ رائٽر آهي جنهن لکيو هو ووٽ کي عزت ڏيو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں