پنجاب حڪومت باني ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت خلاف اپيلون واپس وٺي ڇڏيون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پنجاب حڪومت عمران خان ۽ بشریٰ بي بي جي ضمانت خلاف اپيلون واپس وٺي ڇڏيون آھن

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب حڪومت باني ضمانت خلاف اپيلون واپس وٺي ڇڏيون آھن، جڏھن تہ بشریٰ بي بي جي ضمانت خلاف بہ اپيل پڻ واپس ورتي وئي آھي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو کيس هدايتون مليون آهن تہ ضمانت خلاف اپيلون واپس ورتيون وڃن، عدالت اپيلون واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون.

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران سائفر اپيل ڪيس بہ بغير ڪارروائي جي ملتوي ڪيو ويو.

پراسڪيورٽر جنرل موجب هن ڪيس جو تفصيلي فيصلو جمع نہ ڪرايو آهي، ان لاءِ مهلت ڏني وڃي، ان موقعي تي بيرسٽر سلمان صفدر روسٽرم تي آيو، جنهن تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ پڇاڻو ڪيو تہ توھان ڇا ڪري رھيا آهيو؟

بيرسٽر سلمان صفدر چيو تہ مان عدالت ۾ هيس، مون کي هن ڪيس ۾ نوٽيس نہ مليو.

جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو تہ چاهيو تہ توھان کي نوٽيس ڪيون ٿا، پر هينئر اهو طئي نہ ٿيو آهي تہ اپيل ٻڌڻ جوڳي آھي يا نہ؟

عدالت بعد ۾ تفصيلي فيصلو جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں