لاھوڙ: پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ميان منظور احمد وٽو لاڏاڻو ڪري ويو آھي، ميان منظور احمد وٽو گهڻي عرصي کان بيمار هو ۽ ھن 95 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو.
ميان منظور وٽو جو واسطو پنجاب جي ضلعي اوڪاڙا سان هو، هو پنجاب جو وڏو وزير ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ رھيو.
ميان منظور وٽو 3 ڀيرا پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جي عهدي تي رھيو ۽ پوءِ پنجاب جو وڏو وزير بہ چونڊيو، سندس لاڏاڻي تي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وٽو خاندان 1985 کانپوءِ هر حڪومتي دور ۾ ڪنهن نہ ڪنهن صورت ۾ اقتدار جي ايوانن ۾ نظر آيو، پر2018 جي عام چونڊن ۾ اوڪاڙا مان ميان منظور وٽو آزاد اميدوار طور، جڏھن تہ سندس پٽ خرم جهانگير وٽو ۽ ڌيءَ روبينہ شاهين وٽو پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي صوبائي سيٽن لاءِ ميدان ۾ لٿا، پر ڪامياب نہ ٿي سگھيا ۔
ميان منظور وٽو جا پٽ ۽ ڌيءُ اڃا بہ پي ٽي آءِ ۾ شامل آهن، جڏھن تہ هو پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند رھيو، ڇاڪاڻتہ ان کان اڳ بہ هو پيپلزپارٽي جي حمايت سان پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ۽ پارٽي جو صوبائي صدر بہ رھي چڪو آھي…۔