اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا دعويٰ ڪئي آھي تہ باني پي ٽي آءِ عمران خان کي بنيادي انساني حق نہ پيا ڏنا پيا وڃن، ان کي ڇنڇر جي شام ڳجھي طور تي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال آڻي اک جو آپريشن ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو تہ عمران خان جي صحت بابت حڪومتي ڌر پنج ڏينهن تائين ڪوڙ ڳالھائيندي رھي، گذريل ڏينھن حڪومت تسليم ڪيو، جنهن بعد اسان اڊيالا جيل پهتاسين، عمران خان جو ذاتي ڊاڪٽر عاصم ۽ آءِ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر خُرم بہ اڊيالا آيو.
سلمان اڪرم راجا موجب باني پي ٽي آءِ جي اک جو آپريشن پمز اسپتال ۾ ڪيو ويو، پر عمران خان جي خاندان کي نہ ٻڌايو ويو تہ ان کي اسپتال ڇو آندو ويو؟
سلمان اڪرم موجب سپريم ڪورٽ ٻاهر تقريبن 200 پارليامينٽرينز موجود آھن، لطيف کوسا ۽ مان ڪجھ دير اڳ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملڻ وياسين، چيف جسٽس چيمبر ۾ موجود نہ ھو، ان سان ملاقات نہ ٿي سگھي.
سلمان اڪرم راجا ٻڌايو تہ چيف جسٽس جي هدايت تي رجسٽرار سان ملاقات ڪئي، ان کي صورتحال ٻڌائي، اٽارني جنرل کي بہ سڀ صورتحال آگاھ ڪيو آھي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي 16 درخواستون ڏئي چڪا آھيون، پر ڪو بہ ايڪشن نہ ٿيو…..