پمز اسپتال انتظاميا عمران خان جي صحت بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پمز اسپتال انتظامي باني پي ٽي آءِ  عمران خان جي صحت بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهي.

اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر رانا عمران سڪندر موجب، باني پي ٽي آءِ جا سڀ ضروري طبي ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پروفيسر رانا عمران سندر چيو آهي تہ باني پي ٽي آءِ کي سڄي اک ۾ نظر گهٽجڻ جي شڪايت هئي، جنهن تي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم مڪمل طبي معائنو ڪيو

ھن ٻڌايو تہ باني پي ٽي آءِ کي مرض ۽ ان جي علاج بابت تفصيلن کان آگاه ڪيو ويو آهي.

اسپتال انتظاميہ موجب، باني پي ٽي آءِ کي علاج لاءِ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ رات ۾ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سينئر ڊاڪٽرن جي ٽيم انهن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ ضروري طبي اپاءُ ورتا.

باني پي ٽي آءِ کي اکين جي ماهرن جي تجويز موجب پمز منتقل ڪيو ويو ۽ معائني کانپوءِ واپس جيل موڪليو ويو، جنهن کانپوءِ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ تصديق ڪئي تہ عمران خان مڪمل طور تي صحتمند ۽ ٺيڪ آهن.

ان کان اڳ سينئر قانوندان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر بابر اعواڻ دعويٰ ڪئي ھئي تہ عمران خان کي ننڍڙي مسئلي لاءِ نہ پر ڪنهن وڏي مسئلي سبب اسپتال آندو ويو.

ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي بہ ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو هو تہ ڳالهہ اڊيالا کان پمز تائين پهچي وئي پر گھرڀاتين کي نہ ٻڌايو ويو، سڀ کان وڏي ڳڻتي اها آهي تہ پمز اسپتال ۾ ڪو ريٽينا اسپيشلسٽ بہ موجود ناهي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں