اسلام آباد : پ پ سينيٽر پلوشہ خان وفاقي وزير عليم خان سان ڏند چڪ جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاري ڇڏيو.
شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر پلوشہ خان چيو تہ اين ايڇ اي جي 2 ارب رپين سان ٺهندڙ روڊ بابت سوال ڪيو پر عليم خان کي منهنجي ذات ۾ انٽرسٽ آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي هن فورم تان چوان ٿي تہ ان جو نوٽيس وٺي، سينيٽ چيئرمين کي درخواست ڪيان ٿي تہ رولنگ جاري ڪري.
هن چيو رولنگ ڏني وڃي ته هتي ڪو بدمست هاٿي ناهي سڀ برابر آهن، پاڪستان حڪومت جي پگهار کڻندي آهيان ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي جي ملازم ناهيان.