پشين ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، روڊ جي تعمير ۾ مصروف 5 مزدور مارجي ويا

فہرستِ مضامین

پشين (ويب ڊيسڪ):بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ دهشتگردن روڊ جي تعمير ۾ مصروف مزدورن تي فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ 5 مزدور مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. دهشتگردن واقعي واري هنڌ موجود تعميراتي مشينري کي به نقصان پهچايو.

پشين جي علائقي سرانان بازار ۾ روڊ جي تعميراتي ڪم ۾ مصروف مزدورن تي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

عملدارن موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 مزدور مارجي ويا، جڏهن ته هڪ مزدور زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته حملي آورن واقعي واري هنڌ موجود تعميراتي مشينري کي پڻ نشانو بڻايو، جنهن سبب مشينري کي نقصان پهتو.

واقعي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حملي آورن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي پڻ جاري آهي.

هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پشين ۾ مزدورن تي ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

سرفراز بگٽي چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر معصوم پاڪستانين کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير چيو ته شهيد مزدور پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ ۽ ملڪ توڙي صوبي جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيا هئا.

هن چيو ته بيگناهه مزدورن کي نشانو بڻائڻ انسانيت ۽ امن خلاف سنگين ڏوهه آهي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم متحد آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں