پشاور ويجھو گيس پائيپ لائين ۾ ٿيل ڌماڪي بعد متبادل طريقي سان گيس جي فراھمي جاري آھي.
ڊپٽي ڪمشنر ثناءُ اللہ جو چوڻ آھي تہ 24 انچ جي لائن پشاور، مردان ۽ سوات تائين گيس پھچائڻ جو اھم ذريعو آھي.
ڊي سي موجب گھريلو صارفين لاءِ صبح 5 کان 9 ۽ منجھند 11ھين کان 2 وڳي تائين گيس فراھم ڪئي ويندي.
سندس چوڻ ھو تہ شام 5 کان رات 9 وڳي تائين بہ گيس جي فراھمي جاري رھندي.
سوئي ناردرن جو چوڻ آھي تہ 16 انچ جي لائن ذريعي گيس فراھمي شروع ڪئي وئي آھي، پر متبادل لائن ننڍي ھجڻ سبب گيس فراھمي ۾ گھٽتائي ٿي سگھي ٿي. ٻئي پاسي جي ايم سوئي ناردرن جو چوڻ آھي تہ واقعو دھشتگردي لڳي ٿو، ڇو تہ گيس ليڪيج سبب باھ ناھي لڳندي.